هلندڙ سال واٽس ايپ جو سڀ کان وڏو فيچر موجودگي لاءِ تيار

دنيا جي مقبول ترين ميسجنگ ايپليڪيشن واٽس ايپ ۾ هلندڙ سال جو سڀ کان وڏو فيچر جلد ئي متعارف ٿيڻ وارو آهي.

واٽس اي ۾ ان فيچر جي آزمائش هڪ سال کان وڌيڪ عرصي کان ٿي رهي آهي ۽ ائين لڳي ٿو ته جلد ئي صارفن کي بيڪ وقت ڪيترن ئي ڊيوائسز تي پنهنجي اڪائونٽ کي استعمال ڪرڻ جي سهولت ملي سگهندي.

اصل ۾ محسوس ائين ٿيندو آهي ته واٽس ايپ جي هڪ اڪائونٽ کي مختلف ڊيوائسز ۾ بيڪ وقت لاگ ان سپورٽ جو فيچر جلد ئي صارفن لاءِ موجود هوندو.

واٽس ايپ جي اپ ڊيٽس تي نظر رکندڙ سائيٽ WABetanlnfo ان حوالي سان وڌيڪ تفصيل شيئر ڪئي آهي جنهن موجب اِهو فيچر آزمائش جي حتمي مرحلي ۾ داخل ٿي چڪو آهي.

ان فيچر ۾ ڊيوائس کي واٽس ايپ جيان متحرڪ انٽرنيٽ ڪنڪشن جي ضروت به ميسر نه هوندي.

آسان لفظن ۾ جيڪڏهن فون توهان وٽ موجود نه هجي تڏهن به واٽس ايپ اڪائونٽ کي ويب يا ٻي ڊيوائسز ۾ استعمال ڪرڻ ممڪن هوندو بلڪل فيس بڪ ميسنجر جيان.

ان فيچر کي لنڪڊ ڊيوائسز جو نالو ڏنو ويندو ۽ واٽس ايپ طرفان ملٽي ڊيوائس سپورٽ جي لاءِ ڊيسڪ ٽاپ ورزن جو نئون يوزر انٽر فيس به متعارف ڪرايو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.