جهلم جي بنيادي صحت مرڪز ۾ عورت مريضن جون نازيبا ويڊيوز ٺاهڻ جو انڪشاف

 

جهلم (ويب ڊيسڪ) جهلم جي بنيادي صحت مرڪز ۾ عورت مريضن جون نازيبا ويڊيوز ٺاهڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.

هڪ اڻڄاتل شهري ڊپٽي ڪمشنر جهلم کي خط لکي دانهن ڏني هئي ته بنيادي صحت مرڪز ۾ هڪ ليڊي هيلٿ ورڪر عورت مريضن جون نامناسب ويڊيوز ٺاهي پوليس اهلڪار کي موڪلي ڇڏيندي آهي، جنهن کانپوءِ انهن جو غلط استعمال ڪيو وڃي ٿو.

ڊي سي موجب شهري جي درخواست تي واقعي جي انڪوائري مڪمل ڪري مک جوابدارن کي عهدن تان معطل ۽ صحت مرڪز جي سموري عملي کي تبديل ڪيو ويو آهي.

هوڏانهن چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر هيلٿ ڊاڪٽر وسيم اقبال جو چوڻ هو ته پوليس اهلڪار خلاف ڪارروائي لاءِ ڊسٽرڪٽ پوليس آفيسر کي خط لکيو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.