جھڏو: پوليس پاران هارين کي کنڀي گم ڪرڻ خلاف ڌرڻو

جھڏي ۾ پوليس پاران هارين کي کنڀي گم ڪرڻ خلاف روڊ بلاڪ ڪري ڌرڻو هنيو ويو

ارباب عنايت الله، احسان جروار، ۽ رئيس اعظم خان لغاري جي اڳواڻي ۾ مين مٺي ميرپورخاص روڊ بلاڪ ڪري ڌرڻو هنيو ويو

ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳواڻن جو چوڻ هو ته جهڏو ويجھو ڳوٺ ڪرم علي لغاري ۾ جهڏو پوليس اڳوڻي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي ميمبر معشوق خان لغاري جي هارين جي گهرن تي چڙهائي ڪري عورتن ۽ ٻارڙن تي تشدد ڪيو آهي

هنن چيو ته تر جو بااثر آبادگار زمين ۾ برساتي پاڻي ڇوڙ ڪرڻ جو جواز جاڻائي سياسي انتقام جو نشانو بڻائي معشوق خان لغاري جي هارين جي گهرن تي چڙهائي ڪري 8 ساله نينگر پرڪاش ڪولهي، 12 ساله انيل ۽ 13 ورهين جي ڪشور کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي .. ايس او ٽي

ان موقعي تي معشوق خان لغاري جي ڀاءُ اعظم خان لغاري چيو ته گذريل اليڪشن ۾ GDA کي سپورٽ ڪرڻ کان پوءِ اقتدار ڌر جي سياسي ڀوتارن اسان جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي … ايس او ٽي

احتجاج ڪندڙن آءِ جي سنڌ ۽ ايس ايس پي ميرپورخاص کان مطالبو ڪيو ته فوري طور تي نوجوانن کي آزاد ڪري پوليس خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي  …

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.