دوڙ: بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف احتجاج

دوڙ ۾ مختلف تنظيمن پاران بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

دوڙ تعلقي ۾ بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف ڊاڪٽر مجاهد رستماڻي، علي بخش لغاري، فقير غلام نبي مانجھائي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نادرا آفيس کان ريلي ڪڍي سنڌو چونڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته شهر ۾ 15 کان 18 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي جنهن ڪري رهواسين جو جيئڻ جنجال ٿي ويو آهي، هنن چيو ته شهر توڙي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ مڪمل رڪوري ٿيڻ باوجود لوڊشيڊنگ ۾ اضافو ڪيو ويو آهي

رهواسين اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته دوڙ شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن مان بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ختم ڪرائي ايس ڊي او کي هٽايو وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو …

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.