سپريم ڪورٽ حڪومت کي جوابدار آمريڪا حوالي ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ وفاقي حڪومت کي نيو يارڪ اسڪوائر تي حملي جي مبينا جوابدار کي آمريڪا حوالي ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو.

نيو يارڪ ٽائمز اسڪوائر تي حملي جي مبينا جوابدار طلحه هارون کي آمريڪا حوالي ڪرڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي سپريم ڪورٽ ۾ ٿي.

درخواست گذار جي وڪيل چيو سپريم ڪورٽ ته حسين حقاني کي به واپس آڻڻ جو حڪم ڏنو هو پر ان کي اڄ تائين واپس نه آندو ويو.

وڪيل طارق محمود چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي سنگل بئنچ قرار ڏنو ته جوابدار خلاف شاهديون قبولڻ جوڳيون ناهن پر پوءِ انٽراڪورٽ اپيل ۾ هاءِ ڪورٽ ڏوهه جو پتو انڪوائري مئجسٽريٽ تي ڇڏي ڏنو.

طلحه هارون جي وڪيل وڌيڪ چيو ته خدشو آ مئجسٽريٽ نالي لاءِ ڪارروائي ڪري جوابدار کي آمريڪا حوالي ڪري ڇڏيندو.

عدالت عظميٰ آمريڪا ۽ برطانيا سان جوابدارن جي مٽاسٽا جي معاهدن جا تفصيل حڪومت کان طلب ڪري ورتا.

سپريم ڪورٽ جوابدار طلحه هارون کي ايندڙ حڪم تائين آمريڪا حوالي ڪرڻ کان روڪيندي حڪم ڏيندي اٽارني جنرل ۽ پرڏيهي وزارت جي لاڳاپيل اختيارين کي رڪارڊ سميت طلب ڪري ورتو.

عدالت عظميٰ چيو ته آمريڪا ۽ برطانيا سان جوابدارن جي حوالگي جي معاهدي کان آگاهه ڪيو وڃي، ٻڌايو وڃي ته آمريڪا مان ڪيترا جوابدار پاڪستان آندا ويا ۽ ڪيترا حوالي ڪيا ويا؟

سپريم ڪورٽ حڪومت کي برطانيا مان جوابدار پاڪستان آڻڻ بابت به رڪارڊ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

جسٽس قاضي امين ريمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ معاهدو ناهي ته حوالگي ڪئين ٿي ٿي سگهي؟ هونئن ته آمريڪا جنهن کي به چاهيندو آ بنا معاهدي جي به وٺي ويندو آ پر اهڙيون ڪهڙيون شاهديون آهن، جن جي بنياد تي جوابدار کي حوالي ڪيو وڃي؟

جسٽس قاضي امين چيو ته پاڪستان هڪ خود مختيار رياست آهي، ائين ڪيئن پنهنجو شهري ڪنهن کي ڏئي ڇڏيون؟ قانون موجب پنهنجي شهرين جو تحفظ ضرور ڪنداسين.

سپريم ڪورٽ ڪيس جي ٻڌڻي 2 هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.