دادلغاري لڳ زمين تي قبضي جي ڪوشش، 3 ڄڻا گرفتار، احتجاج

داد لغاري (ن ع آ )دادلغاري ويجهو ڳوٺ نبي بخش جداڻي جي رهواسين آعظم پتافي,ادريس پتافي ۽ ٻين جي آڳواڻي ۾ نٽھڻ اُس ۾ سخت احتجاج ڪيو ويو. ان موقعي ته متاثر ڳوٺاڻن ميڊيا سان ڳالهائنيدي چيو ته اسان پنهنجي برادري جي عبدالوهاب پتافي کان چار سال اڳ هڪ جريب زمين خريس ڪئي هئي جنهن جي لکت ۽ زمين جو قبضو پڻ اسان وٽ آھي انهن چيوته اسان پنهنجي خريد ڪيل هڪ جريب زمين ۾ گهر جي آڏاوت شروع ڪئي ته بااثر  عبدالوهاب پتافي جيڪو ايس ايڇ او به آھي انهي پنهنجي وردي ۽ پوليس جي ڏاڍ ذريعي وڪرو ڪيل زمين ۾ آڏوات جو ڪم روڪرائي دادلغاري پوليس معرفت اسان جا ٽي ماڻهو گرفتار ڪرائي اسان کي حراسان ڪري رهيو آھي,۽ اسان کي وڪرو ڪيل زمين زبردستي پوليس جي معرفت واپس ڪرائڻ چاهي ٿو انهن ايس پي گهوٽڪي ڊي آء جي سکر ۽ آء جي سنڌھ کان پرزور مطالبو ڪيو ته اسان جي برادري جو بااثر ايس ايڇ او عبدالوهاب پتافي جيڪو پوليس معرفت اسان کي حراسان ڪري رهيو آھي انهي خلاف ڪاروائي ڪري اسان جي خريد ڪيل زمين تان قبضو ختم ڪرايو وڃي. قبضي ڪرڻ جي الزام هيٺ آيل ايس ايڇ او عبدالوهاب پتافي چيو ته مون مٿان زمين تي قبضي ڪرڻ جا الزام بي بنياد آھن آعظم ۽ ادريس پتافي پاران هڪ جريب خريد ڪرڻ واري زمين منهنجي ذاتي کاتي واري زمين آھي جيڪي ڪوڙو اسٽامپ پيپر ٺهرائي رات جي وقت ۾ قبضو ڪرڻ لاء تعميرات جو ڪم ڪرائي رهيا هئا جنهن کي روڪڻ ته انهن منهنجي خلاف ميڊيا ٽرائل ڪري مونکي بدنام ڪري رهيا آھن.  ان چيو ته انهن منهنجي سئوٽ ولي محمد پتافي کي پڻ لٺيون هڻي زخمي ڪيو آھي جنهن جو اسان قانوني رستو اختيار ڪندي دادلغاري ٿاڻي تي رپورٽ درج ڪرائي آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.