مومل ماڙي جي کوٽائي نه ٿي، بي ڌياني سبب آثار ڊهڻ لڳا

مومل جي ماڙي ( رپورٽ يونس ڀٽو ) مومل جي ماڙي تي تحقيق ٿيڻ گھرجي، موهن جي ڌڙي ۽ مومل جي ماڙي مان مليل نوادرات ھڪ جھڙي مشاورت رکن ٿا , گھوٽڪي ضلعي کان 10ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي سنڌ جو تاريخي ماڳ ماٿيلو مومل جي ماڙي واقع آھي سرڪاري انگ اکرن مطابق راجا نند جو ھي ڦٽل شھر (32)ايڪڙن تي مشتمل ھو  موجوده وقت ۾ قبضاگيرن قبضا ڪري وڃي ڌڙي جو اڌ حصو ڇڏيو آھي.  ھن ڌڙي ۾ ھڪ وڏي تاريخ دفن ٿيل آھي  حڪومت جي بي ڌياني سبب ھن ماڳ لاء ڪي جوڳا اپاء ناھن ورتا ويا , مومل جي ماڙي کي ڏسڻ لاء مختلف ملڪن جا ماڻھون ته اچن ٿا پر انھن لاء ڪو خاص بندوبست ناھي , سنڌ جي صوفي شاعر ۽ برصغير سنڌي ٻولي جو وڏو شاعر سمجھيو ويندڙ شاھ عبدالطيف ڀٽائي سر راڻي ۾ صرف نه ڳايوآھي پر مومل راڻي تي وڏي شاعري ڪئي آھي , ھن تاريخي ماڳ کي ھتان جي چونڊيل نمائيندن توڙي بااثر رھواسين ھن ڌڙي سان جيڪي ويدن ڪيا آھن اھي سرڪار جي سامھون آھن ,  ڌڙي جي پري کان سونھن ظاھر ڪندڙ منارن کي رات جي اوندھائي ۾ ڪيرايو ويو آهي , قبضا ڪيا ويا ليڪن بار بار احتجاجن باوجود سنڌ ڪار ڪو به نوٽيس نه ورتو آهي.  , آرڪيالاجي کاتي وارن کي گھرجي ته ھن ماڳ جي مالڪي ڪن ھزارين سال دفن ٿيل تاريخ کي نئي سر جوڙڻ جي ضرورت آھي.  , هن ماڳ جي بچاء لاء  مومل جي ماڙي بچايو ڪاميٽي جڙيل آھي انھي ڪاميٽي جي ڪوشش سان مومل جي ماڙي ميوزيم ۽ ريسٽ هائوس  ثقافت کاتي جوڙايو ليڪن ان مان به ايندڙ سياحن کي ڪو فائيدو ناھي مليو ,  ھميشه بند رھڻ ڪري ڪيترائي ڏيھي توڙي پر ڏيھي سياح ميوزيم بند ھجڻ ڪري واپس موٽي وڃن ٿا 10ھزار آبادي واري ھن شھر کي سياسي ڪامورن ڪجھ ناھي ڏنو 3ڪلو ميٽرن تي ايشيا جي سڀ کان وڏي او جي ڊي سي ايل گئس ھوڻ باوجود ھن شھر جا ماڻھون گئس کان محروم آھن گھوٽڪي ضلعو صنعتي فيڪٽرين جي لحاظ کان تمام گھڻو آھي ليڪن انھن فيڪٽرين جي ڪروڙين جي ڪمائي مان ڪجھ حصو ھن ماڳ لاء قطب آندو وڃي ته شايد مومل جي جنم ڀومي اڃا دنيا ۾ وڌيڪ مشھور ٿي سگهي ٿي ,  ھتان جي ماڻھن جو خيال آھي ته جيڪڏھن ھن ڌڙي جي کوٽائي ڪئي وڃي ته ھن ڌڙي ۾ دفن ٿيل ھزارين سال پراڻو راجا نند جو خزانو شايد ملي پوي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.