بلوچستان حڪومت بيروزگار نوجوانن کي مايوس ڪيو: مولانا عمر عادل

حب(رپورٽ:يار محمد بروهي) جي يو آءِ لسٻيله جي ضلعي نائب امير مولانا محمد عمر عادل چيو آهي ته بلوچستان حڪومت اشتهار ڏنل پوسٽن کي ڪينسل ڪري بيروزگار نوجوانن جي اميدن تي پاڻي ڦيري ڇڏيو آهي، هڪ بيان ۾ هن چيو ته هزارين نوجوان فوٽوڪاپي مشينن تي هزارين رپيا خرچ ڪري ڪيترائي ميل پنڌ ڪري آفيسن ۾ ڪاغذ جمع ڪرائي آيا پر حڪومت کين ٻيهر مايوس ڪري ڇڏيو، هن چيو ته بيروزگاري سبب نوجوان ڌڪا کائي رهيا آهن، پر حڪومت ۾ شامل ماڻهن جي ڪنن تي جونءَ نٿي چري، مهانگائي جي گهاڻي ۾ پيڙهجندڙ عوام کي ڪو به رليف نٿو ملي، نوجوان ڏوهن جي وارداتن ۾ شامل ٿي رهيا آهن. ، بلوچستان حڪومت واٽس ايپ ۽ اخباري بيانن تائين محدود آهي، هن چيو ته عوام جي مسئلن جي حل لاءِ ڪو به سمجهوتو نه ڪنداسين، لسٻيله جي نوجوانن سان ناجائزي ٿيڻ نه ڏينداسين، نوڪريون من پسند ماڻهن ۾ ورهايون ويون ته سخت مزاحمت ڪنداسين

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.