ڪنب ۾ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن جو مقرري لاءِ احتجاج

ڪنب (ن ع آ)سال 2018ع ۾ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس ڪندڙ 50 ۽ 50 پلس مارڪون حاصل ڪندڙ اميدوارن کي آفر آرڊر نه ملڻ خلاف محمد سفير، ڀائي خان، محسن، غلام شبير ، شفقت ۽ ٻين  احتجاج ڪندي چيو آھي ته سنڌ ۾ استادن جون 37 ھزار جايون خالي آهن ۽ نئين ڀرتين لاءِ سنڌ حڪومت پاسنگ مارڪس 50 جو اعلان به ڪري چڪي آهي پر سال 2018ع ۾ 50 ۽ 50 کان مٿي مارڪون کڻندڙ جي اي ايس ٽي ۽ اي سي ٽي اميدوارن کي مقرري نٿي ڪئي وڃي،  ھنن چيو ته ڪجهه تعلقن ۾ 50 مارڪون کڻڻ وارن اميدوارن کي آفر آرڊر ڏنا ويا ته ڪجهه تعلقن ۾ وري 60 مارڪون کڻڻ وارا به نوڪري کان محروم رهجي ويا آھن. ھنن وڏي وزير سميت تعليم کاتي واري صوبائي وزير ۽ ٻين وس وارن کان گھر ڪئي ته تعلقي وائيز پاليسي ختم ڪري ضلعي وائيز  يا ڊويزن وائيز پاليسي جوڙي سڀني رهيل 50 ۽ 50 پلس جي اي ايس ٽي ۽ اي سي ٽي اميدوارن جي جلد مقرري ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.