ميهڙ اسپتال جا چاپڙ ڪري پيا، عملو معجزاڻي طور بچي ويو

ميهڙ (ن ع آ)تعلقي اسپتال ميهڙ جي ميل وارڊ ۾ صبح جي وقت پيرا ميڊيڪل اسٽاف پنهنجي ڊيوٽي تي پهتو ته سوئيپر وارڊ ۾ صفائي سٿرائي ۾ مصروف هئا ته اوچتو ئي اوچتو ميل وارڊ جي ڇت جا چاپڙ ڪري پيا جنهن ۾ عملو معجزاني طور بچي ويو جڏهن ته تعلقه اسپتال ميهڙ جو ڪيترن سالن کان وٺي مرمت جو ڪم نه ٿيو آهي. ٻئي طرف پيرا ميڊيڪل اسٽاف ايسوسيئيشن جي اڳواڻن محمد اعظم پنهور ، نياز ڏيپر ، واجد علي پنهيار ، محبوب علي چانڊيو ، زاهد حسين مهيسر ، ضمير جلباڻي ، غفار مهيسر ۽ ٻين سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته تعلقه اسپتال ميهڙ جي ڪواٽرن ۽ اسپتال جي جلد مرمت ڪرائي وڃي ڇاڪاڻ ته ڪواٽرن ۾ رهندڙ ملازمن جو هائوس رينٽ وغيره ڪاٽيو وڃي ٿو پر سالن کان وٺي ان جي مرمت جو ڪم نه ٿيو آهي . هنن چيو ته تعلقي اسپتال جي مرمتي ڪم ڪرائي بيچيني دور ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.