شادي پلي جا مسئلا حل نه ٿي سگھيا، احتجاج

شادي پلي (ن ع آ)شادي پلي ٽائون ڪميٽيءَ جا مسئلا حل نـ ٿي سگھيا، جنھن سبب شھر ۾ مسئلن جا انبار لڳي ويا آھن، جڏھن تـ سمورو شھر گندگي جي ور چڙھي ويو آھي، شھر جي مين گھٽين ۽ روڊن رستن تي گندگي جا ڍير لڳي ويا آھن، جنھن ڪري شھري سخت مشڪلات کي منھن ڏيڻ تي مجبور ٿي ويا آھن. ٻئي طرف شادي پلي ٽائون ڪميٽيءَ کي ملندڙ بجيٽ به ڪروڙن تائين پھتي آھي. ان سلسلي ۾ ڌڻي بخش، ڪي بي، الھجڙيو بلوچ، رجب خاصخيلي ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو آهي ته شادي پلي شھر ننڌڻڪو ھئڻ ڪري مسئلا تمام وڌي ويا آھن،.  پيئڻ جي صاف پاڻي، اسٽريٽ لائيٽون، ڊرينيج نظام، سي سي رستن توڙي گندگي جھڙا مسئلا حل نه ٿي سگھيا آھن، جن مسئلن جي حل لاءِ تڪ جي چونڊيل نمائندن ڪو به ڌيان نه ڏنو آھي. ھنن اعليٰ اختيارين کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.