مقصودو رند لڳ مختلف ڳوٺن ۾مختياڪار شهدادپور جي حڪم تي مڇر مار اسپري ڪرايو ويو

مقصودو رند (ن ع آ) مقصودو رند لڳ يونين ڪائونسل مراد علي رند ۾ ايڊمنيسٽيٽر مختيار ڪار شهدادپور قمر دين راهپوٽو جي حڪم تي يونين ڪائونسل مراد علي رند  جي سيڪريٽري الطاف حسين رند  جي اڳواڻي ۾ يوسي جي مختلف ڳوٺن ٻاجهي رند، مراد علي رند، سهجو رند، حاجي رند  سميت 8 ڳوٺن ۾مڇر مار اسپري ڪرايو ويو يوسي ۾ اسپري ڪرائڻ تي ڳوٺن ۾سرهائي ڪئي وئي.

آريجن ۾ انڙ گروپ جو ساٿي برادري جي سميت پ پ ۾ شامل ٿي ويو

خير محمد آريجا (ن ع آ) خير محمد آريجا ۾ جي ڊي اي انڙ گروپ کي ڌچڪو انڙ خاندان جي ويجهي ساٿي سندن جو ساٿ ڇڏي باضابطه طور پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو جئي ڀٽو جا نعرا جڏهن ته ان سلسلي ۾ خير محمد آريجا جي ڳوٺ سونو خان جتوئي جي معزز شخصيت سرائي نظير حسين جتوئي سجاد حسين جتوئي ارشد علي جتوئي پنهنجي برادري سميت صوبائي وزير سهيل انور خان سيال جي ڀاء پ پ اڳواڻ طارق انور خان سيال ۽ ٻين جي موجودگي ۾ باضابطه طور پيپلز پارٽي شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو.  پ پ اڳواڻن جي مان ۾ آجياڻو سندن جي شاندار آجيان گلن جي ورکا جئي ڀٽو جا نعرا پيپلز پارٽي ۽ سيال ڀائرن جي عوامي خدمت جو جذبو ڏسي سندس جي پارٽي ۾ شامل ٿيا آهيون ان موقعي تي پ پ اڳواڻ عبدالرحمٰن جتوئي عمران خان جتوئي نديم خان انڙ ديدار علي جتوئي منور علي ابڙو آفتاب ظفر سيال محمد شفا آريجو ۽ ٻيا پ پ اڳواڻ موجود هئا جڏهن ته پ پ اڳواڻ طارق انور خان سيال ۽ ٻين پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيندڙ جتوئي برادري جي معزز شخصيت کي ڀليڪار ڪندي  چيو ته آءُ پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيندڙ دوست جو ٿورائتو آهيان جنهن اسان تي اعتماد ڪندي پ پ شموليت ڪئي آهي پيپلز پارٽي هميشه عوام جي خدمت ڪئي آهي ۽  انشاء اللّٰه سندس جي اميدن تي پورو لهي سندن جي ڀرپور خدمت ڪنداسين.

رتيديري مان ڀٽائي جي ميلي ۾ شرڪت لاءِ قافلو روانو ٿي ويو

رتوديرو (ن ع آ) رتوديرو مان ڀٽ ڌڻي جي ميلي ۾ شرڪت لاءِ پيادل قافلو روانو ، لطيف سرڪار جا شيدائي شهر مان پيادل روانا ، پيادل قافلي ۾ شريڪ ماڻهن مٿان گلن جي ورکا ڪئي وئي : خبر موجب شاه ڀٽائي سرڪار جي ميلي ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ شاه جا شيدائي رتوديرو مان پيادل قافلي جي صورت ۾ روانا ٿي ويا آهن قافلو بدر شاه جيلاني جي نالي سان قافلي جا پانڌيئڙا هڪ جٿي جي صورت ۾ نعرا هڻندا رتوديرو پريس ڪلب پهتا رتوديرو شهر جي مشهور درگاه کان پيادل قافلو جڏهن ڀٽائي گھوٽ جي مزار ڏانهن روانو ٿيو ته قافلي ۾ شريڪ پانڌيئڙن مٿان گلن جي ورکا ڪئي وئي.  پيادل ويندڙ قافلي ۾ شريڪ پانڌيئڙن جي هٿن ۾ علم پڻ هئا  لطيف سرڪار جا پانڌيئڙا لالا شفقت ميراڻي ، فقير منصف علي ، اشفاق علي ، قيوم ڊومڪي ، جيت مغيري ۽ بابر اوڍاڻو جي اڳواڻي ۾ مخلتف شهرن ۽ ڳوٺن کان ٿيندا ڀٽ شاه پهچندا ۽ ان بعد ڀٽائي سرڪار جا هي پانڌيئڙا سندس جي 14 صفر تي ٿيندڙ عرس وارين تقريبن ۾ شرڪت ڪندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.