خيرپور ۾ گئس جي لوڊشيڊنگ خلاف واپارين جو احتجاجي مظاهرو

خيرپور ( ڊ ر ) خيرپور جي واپارين اڳواڻ صدر عاشق حسين عباسي،گرمک مل، نامومل، حنيف حسين، مظفر حسين عباسي جي اڳواڻي ۾ سئي گئس جي لوڊشيڊنگ خلاف احتجاج ڪيو ،ان موقعي  عاشق حسين عباسي ٻين تي صحافين کي ٻڌايو ته خيرپور ۾ سئي گيس جي هٿرادو لوڊشيڊنگ رهواسين جون متيون منجهائي ڇڏيون آهن،هنن چيو ته خيرپور شهر جي مير علي بازار محلا، ٻٽڙومحلا ، غريب آباد، شهيد آباد ڪالوني ،عابد ڪالوني، اوستو گاهي، ڏٻر محلا ، پنجهٽي، ٽالپور ڪالوني، سائدا ڳوٺ، مل ڪالوني سميت 40 کان وڌيڪ پاڙن ۾ سئي گيس جي لوڊشيڊنگ شهرين کي سخت پريشان ڪري ڇڏيو آهي، سئي گيس جي لوڊشيڊنگ سبب شهري سخت ڏکيائين منهن ڏئي رهيا آهن. سئي گيس انتظاميه نااهلي جي حد ڪري ڇڏي آهي گهرن ڏانهن ويندڙ گيس جا وال بند ڪري فل پريشر سان سي اين جي وارن کان ڳري رشوت وٺي کين گيس فراهم ڪئي پئي وڃي جڏهن ته گيس نه هجڻ ڪري پيرسن، معصوم ٻار سڄو سڄو ڏينهن بکون ڪاٽڻ تي مجبور ٿي ويا آهن. هنن چيو ته ڪيترائي ڀيرا سئي گيس انتظاميه کي اهڙيون شڪايتون ڪيون آهن ان جي باوجود ڪوبه تدارڪ نه پيو ڪيو وڃي جنهن ڪري شهري سخت ڏکيائين سان منهن ڏئي رهيا آهن.  هنن چيو ته سئي گيس انتظاميه پاران جيڪڏهن فوري طور تي گيس جي هٿرادو لوڊشيڊنگ وارو سلسلو بند نه ڪيو ويو ته سئي گيس انتظاميه خلاف احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.