ساماري ۾ پسند پرڻو ڪندڙ نوجوان جي گهر تي حملو، ماءُ ۽ ڀيڻ اغوا، والد مرڻينگ

سامارو (ن ع آ)ساماري جي ڳوٺ غلام علي ڪپري مان ھفتو اڳ نوجوان پيار علي ۽ ناري گل بانو گھران نڪري عمرڪوٽ جي عدالت ۾ پسند پرڻو ڪيو ھو، نوجوان جي گھر تي ناري جي مائٽن حملو ڪري نوجوان جي  ماءُ امينا ۽ سندس ڀيڻ سمينا کي اغوا ڪري ويا، مزاحمت ڪرڻ دوران نوجوان جو والد غلام علي کي هٿياربندن ڪھاڻيون ھڻي رتورتڪري ڇڏيو. عورتن کي اغوا ڪري کڻي ويندڙ هٿياربندن جي ڪار به حادثي جو شڪار ٿي وئي، نوجوان جي وارثن پيڇو ڪري اغوا ٿيل عورتون ھٿ ڪري ورتيون ۽  3 ڄڻا الله جڙيو، پوڙھو، ۽ ڪار ڊرائيور کي لاڪ اپ ڪرائي ڇڏيو. صحافين طرفان رابطو ڪرڻ تي ساماري پوليس انڪار ڪري ڇڏيو. جڏھن ته زخمي نوجوان جي پي غلام علي کي وارثن تعلقه اسپتال سامارو داخل ڪرايو ويو، آخري اطلائن تائين واقعي جو ڪو به ڪيس وغيره داخل ناھي ڪرايو ويو.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.