بخشاپور ويجھو ڳوٺاڻن جو پوليس خلاف احتجاج، نوجوان کنڀڻ جو الزام

بخشاپور  (ن ع آ) بخشاپور ويجهو ڳوٺ جاڳڻ خان جکراڻي ۾ پوليس ڪاھ ڪري 23 ورھين جي نوجوان طارق حسين جکراڻي کي  کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي، ڳوٺاڻن پوليس جي زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعري بازي ڪئي، ان موقعي تي کنڀي گم ڪيل نوجوان طارق حسين جکراڻي جي  والد  غازي خان جکراڻي نوجوان جي وارثن گرمان جکراڻي  ـ عبدالمجيد ـ ذاڪرحسين ـ مغل خان ـ شاھ علي ۽ ٻين الزام مڙھيندي چيو ته آر ڊي 109 ٿاڻي جي ايس ايڇ او پوليس جا وڏا اٽالا ساڻ ڪري ڳوٺ تي دھشگردن وانگر ڪاھ ڪري  اسان جي گھر اندر داخل ٿي چادر ۽ چارديواري جا   ليڪا لتاڙي گھر ۾ موجود عورتن ۽ معصوم ٻارڙن مٿان تشدد ڪري 23 ورھين جي موجوان طارق حسين جکراڻي کي مارڪٽ ڪندي پوليس موبائيل ۾ ويهاري کنڀي کڻي ويا، ڳوٺاڻن جو اهلڪار نوجوان جي آزادي لاءِ رشوت پيا گهرن، نوٽيس وٺي نوجوان کي آزاد ڪرايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.