خيرپورپوليس هٿان شاگرد گرفتار، رشوت ڏئي آزاد، وارثن جو احتجاج

خيرپور (س ر  ) خيرپور شهر جي صالح ڀٽو ڪالوني جي رهواسي شاگردن امام دين ميتلو،فداحسين ميتلو،حسين بخش،ذاڪر  حسين ،فرمان علي ميتلو پنهنجي مائٽن سان گڏجي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪندي ٻڌايو ته  علائقي جي بااثر عبدالجبار ميتلو، عبدالقادر ميتلوبي سيڪشن ٿاڻي جي  ايس ايڇ او سان ٻٽ بڻجي،  نائين ڪلاس جي شاگرد امام دين ميتلو کي بنا جواز کنڀي ٽي ڏينهن گم ڪري ڇڏيو هو ۽ بازيابيءَ لاءِ 15 هزار ڀنگ وٺي کيس آزادڪيو آهي، هنن ٻڌايو ته عبدالجبار ميتلو خيرپور جي مختلف ٿاڻن اي سيڪشن،بي سيڪشن ، پير جو ڳوٺ، احمدپور ،وڏا مهيسر سميت ٻين ٿاڻن جي پوليس کي  رشوت ڏئي بناجواز گرفتار ڪرائڻ جون ڪوششون ڪري رهيو آهي جنهن ڪري دربدريءَ جو شڪار آهيون ۽ تعليم حاصل ڪرڻ کان محروم بڻيل آهيون، هنن ٻڌايو ته عبدالجبار ميتلو ۽ عبدالقادر ميتلو اسان جي پيءُ منورعلي ميتلو سان گڏ موٽر سائيڪلن جو ڪاروبار ڪندا هئا، ڪاروبار مان جبار وارن جي ڪجهه رقم اسان جي پيءُ منور علي ميتلو ڏي رهيل آهي، هنن ٻڌايو ته  ڪرونا وائرس ۽ لاڪ ڊائون سبب ڪيترائي مهينا ڪاروبار بند هجڻ ڪري مالي بحران جو شڪار آهيون،جڏهن ته مخالفن جا پوليس ۽ ڏوهارين سان واسطا آهن، جنهن ڪري مخالف اسان کي جان کان مارڻ ،سخت نتيجا ڀوڳڻ ،ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، مظاهرين آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر، ايس ايس پي خيرپور سميت وس واران  کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي،اسان کي پوليس ۽ بااثرن جي زيادتين کان بچايو وڃي ،۽ تعليم حاصل ڪرڻ ڏني وڃي، ٻي صورت سيشن ڪورٽ آڏو انصاف ملڻ تائين سخت احتجاج ڪيو ويندو،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.