نوابشاهه لڳ پوليس پيرسن گرفتار ڪري گم ڪري ڇڏيو، وارثن جو مظاهرو

نوابشاهه (ڊ ر ) صابو راهو لڳ ڳوٺ الياس ٻُرڙو جي رهواسين سڪرنڊ پوليس ۽ با اثرن خلاف نوابشاهه پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو انهي موقعي تي مظاهرين چنيسر ٻُرڙو، گلشير ٻُرڙو، غلام  حسين ٻُرڙو ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان ڪيلن جي گُڏ ڪڍي محنت مزدوري ڪيون ٿا ۽ برادري جي با اثرن علي حسن، رب نواز ٻُرڙو، صالح وارن سان زمين جي معاملي تان پُراڻو تڪرار هلندڙ آهي ۽ غريب هئڻ سبب هُنن اسان لاءِ ڌرتي ٽرامو بڻائي ڇڏي آهي اسان جا رستا بند ڪري ڇڏيا آهن ۽ اسان جو اچڻ وڃڻ بند ٿي ويو آهي اسان جو مال بُک ۾ پاهه ٿي ويو آهي ۽ گذريل ڏينهن مذڪوره با اثرن اسان جي 60 ورهين جي پيرسن خان محمد ٻُرڙو کي سڪرنڊ پوليس هٿان ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪرائي گم ڪري ڇڏيو آهي هنن چيو ته اسان سڪرنڊ ٿاڻي تي بار بار چڪر هڻي ٿڪجي پيا آهيون پر پوليس گرفتار ٿيل پيرسن کي ظاهر ڪرڻ ۽ اسان سان ملائڻ لاءِ تيار ناهي هنن چيو ته اسان با اثرن جي ظلمن خلاف اڳ ۾ به ضلعي جي اعليٰ اختيارين وٽ شڪايتون ڪيون ۽ احتجاج به ڪيا پر ڪو به تدارڪ نه ٿيو آهي اسان کي خدشو آهي ته با اثرن جي ونگارو بڻيل پوليس اسان کي وڌيڪ نقصان نه پهچائي مظاهرو ڪندڙن ايس ايس پي شهيد بينظير آباد، ڊي آئي جي شهيد بينظير آباد، ايم پي اي غلام قادر چانڊيو ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته اسان جي پيرسن کي آزاد ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.