ٿرپارڪر جا ٻوڏ متاثر ڪنهن کي نظر نه آيا، واهر لاءِ نئين ڪوٽ کان نڪتل مارچ مٺي پهچي ويو:انتظاميا خلاف ڌرڻو

مٺي (رپورٽ:غازي بجير) ٿرپارڪر ضلعي جي بئراج واري علائقي ۾ٻوڏ تباهڪارين جي متاثرين پاران واهر نه ٿيڻ خلاف نئون ڪوٽ قلعي کان گذريل ڏينهن شروع ڪيل احتجاجي پيادل مارچ 50 ڪلوميٽرن  جو مفاصلو طئه ڪري مٺي پهتو. ماوجي ڪولهي، سوڍو ڀيل ۽ سومري ٻائي جي اڳواڻي ۾ پهتل پيادل لانگ مارچ ۾ شريڪ عورتن ۽ پورهيتن ضلع انتظاميا ٿرپارڪر خلاف دانهون ڪندي نعري بازي ڪئي، مٺي شھر جي مختلف چوڪن تي مارچ ٿيندو ڪشمير چوڪ تي پهتو جتي ڌرڻو هنيو ويو، ان موقعي تي ٻوڏ متاثرن دانهيندي چيو ته ٿرپارڪر ضلعي جا ٻوڏ متاثرين دربدر ۽ بکون ڪاٽڻ تي مجبور آھن، انتظاميه ڪابه واهر نه ڪئي آھي، ضلعي انتظاميا ٿرپارڪر متاثرن کي تنبو ۽ راشن ڏيڻ بدران ڦوٽو سيشن ڪرڻ ۾ رڌل آھي، اسان جا ٻچا بکون ڪاٽي خودڪشين تي مجبور ٿي ويا آھن، اسان جو الھه تلھه ٻوڏ جي نذر ٿي ويو آھي، هنن چيو ته ڊي سي ٿرپارڪر ۽ روينيو ڪامورا رڳو رڪارڊ ۾ امدادي سرگرميون ظاهر ڪري متاثرن کي بي يارو مددگار ڇڏي ويا آھن، جنهن ڪري اسان گذريل ڏينهن کان 50 ڪلوميٽر پنڌ مارچ ڪري مٺي پهتا آھيون، هنن چيو ته سرڪار وٽان ملندڙ فنڊز متاثرن تي خرچ ڪرڻ بدران هڙپ ڪيا پيا وڃن، هنن سنڌ سرڪار کان گهر ڪئي ته ٿر جي بئراجي علائقن جي ٻوڏ متاثرن جي واهر ڪري کين کاڌ خوراڪ ۽ تنبو ڏنا وڃن ۽ بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويل متاثرن کي دوائون ۽ علاج جون سهولتون ڏنيون وڃن، ٻي صورت ۾احتجاج جاري رکيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.