ڪورونا جا ، مٺي واسي 2 سڳا ڀائر هڪ ئي ڏينهن ڇني ورتا !

مٺي (رپورٽ:غازي بجير) مٺي واسي اڳوڻي صحت کاتي جي ميڊيڪل آفيسر ڊاڪٽر بنسي ڌر ۽ سندس ڀاءُ نارائڻ داس کي ڪورونا وائرس جي تصديق بعد 15 ڏينهن اڳ ڪراچي جي آغا خان اسپتال ۾ داخل ڪيو  ويو هو،جتي ٻنهي ڀائرن جي ساھ جو سڳو ٽٽي پيو، ضروري ڪارروائي بعد اسپتال انتظاميا ٻنهي ڀائرن جا لاش وارثن حوالي ڪيا، جتان ايس او پيز تحت لاش مٺي آندا پيا وڃن، جڏھن ته ٿرپارڪر جي انتظاميا فوتي ڀائرن جي گهرن ۽ ڀرپاسي وارين گهٽين کي مڪمل طور سيل ڪري ڇڏيو آھي ۽ گهٽين طرف اچ وڃ تي پابندي لڳائي وئي آھي، ٻن ڀائرن جو هڪ ئي ڏينهن فوت ٿيڻ سبب مٺي شھر ۾سوڳ ڇائنجي وئي ۽ ماحول ڏکارو بڻيل آھي، جڏھن ته ڊاڪٽر بنسي ڌر 5 مهينا اڳ صحت کاتي ٿرپارڪر مان رٽائرڊ ٿيو هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.