سنڌ هڪ سياسي ايڪوريم!

سنڌ جون وطن دوست پارٽيون توڻي اهي پارٽيون جيڪي سياست ته پاڪستان ليول تي ڪري رهيون آهن پر انهن جو بنياد سنڌ آهي. جيئن پاڪستان پيپلز پارٽي.

سنڌ جون قومپرست پارٽين توڻي جي ڊي اي ۾ ويٺل، اهي اڳواڻ جن جو سياسي بنياد سنڌ ۾ آهي ۽ سندن چواڻي هو سنڌ لاءِ سنڌي ماڻهن کي هر طرح جو سک پهچائڻ لاءِ سياست ڪري رهيا آهن ۽ جيڪي ڳالهيون يا تقريرون ڪري رهيا آهن، سچ ته انهن ۾ ايتري پنهنجائي آهي، همدردي آهي ساڳئي وقت سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي مسئلن حل ٿيڻ جي چنتا آهي، جو اهي ٻڌڻ سان ئي دلي طور گهڻو ڏک ٿئي ٿو.

سنڌ جي غريب عوام جيڪا سچ پچ ٻه هزار ڏهه کان وٺي اڄ تائين تڪليف ڀوڳي آهي ۽ غربت جي جنهن آڳ مان گذريو آهي، شايد پاڪستان جي ڪنهن ٻئي صوبي جو عوام گذريو هجي. ان سموري تڪليف واري وقت جي ٽي سال اڳ کان اڄ تائين پ پ جي سنڌ ۾  حڪومت آهي، ايڏي عرصي  ۾ دنيا جي ڪنهن به ملڪ جي حڪومت پنهنجي عوام جي زندگي انقلابي طور تبديل ڪرڻ جي اهل ٿي سگهي ٿي، ايران جي انقلاب کانپوءِ وارا ڏهه سال مثال طور پيش ڪري سگهجن ٿا.

اڄ ايران جي حڪمراني ڪيتري جهموري آهي. اهو الڳ مسئلو آهي، پر ڪنهن به ملڪ ۾ ڪجهه به حڪمران طور تبديل ڪرڻ گهڻو اوکو نه آهي. ڇاڪاڻ ته حڪمران هوندي، عوام کي ڪجهه ڏيڻو آهي ان لاءِ تيرنهن سال چڱو عرصو آهي. سنڌ جا حڪمران ايتري عرصي ۾ سنڌي عوام کي تباهي ۽ برباديءَ کان سواءِ ڪجهه به نه ڏئي سگهيا آهن،  حيرت جي حد ته اها آهي ته پوءِ به نرڄائيءَ سان جڏهن هو تقرير ڪن ٿا ته ايئن لڳي رهيوآهي، ڄڻ حڪمرانن، عوام کي سڀ ڪجهه ڏيئي ڇڏيو آهي کين وٽ ڪجهه به نه رهيو آهي، ان ڪري هوُ ايترا مظلوم آهن جوعوام کين ڪجهه نه ڪجهه ضرور ڏئي.

جڏهن حڪمران عوام آڏو پاڻ کي ايئن پيش ڪندا هجن، پوءِ به تيرهن سالن کان اذيتون برداشت ڪندڙ عوام هيتري ڊگهي تجربي جي بنياد کي ڏسندي اڃا به مٿن اعتبار ڪري عجيب ڍنگ آهي، حڪمران پارٽيءَ جو جيڪا سموري پاڪستان مان ڌڪارجي سنڌ تائين محدود اچي ٿي آهي، ڇاڪاڻ ته سندس بنياد سنڌ آهي، پوءِ به ان کي ڪجهه ڏيڻ کان قاصر آهي. ها ! اُها بي ميار آهي ڇاڪاڻ ته هن کي پاڪستان جي سياست ڪرڻي آهي.

حيف ته سنڌ جي وطن دوست سياسي پارٽين تي آهي، جيڪي سنڌ جي وسيع ترين خوشحاليءَ جا خواب ته کڻي نڪتيون آهن پر جن وٽ فقط پنهنجي خاندان جيترا ماڻهو آهن، انهن به پنهنجن ماڻهن جي عدد مطابق پنهنجون پنهنجون ديڳڙيون الڳ  چاڙهيون آهن، ايئن ڪري ڀائنجي ٿو ته انهن سنڌ دوست پارٽين جو بنيادي عمل سنڌ کي ۽ سنڌي ماڻهن کي گڏ ڪرڻ نه آهي البت انهن کي ڇڙوڇڙ ڪرڻو آهي، الڳ الڳ ڇٽيءَ جا ڇانوَ هيٺ.

ٿيڻ ته ايئن گهرجي ۽ جيڪڏهن اهي سڀ سنڌ دوست به آهن، سنڌ جي عوام کي حقيقي خوشحالي ڏيڻ لاءِ ئي هنن جي جدوجهد آهي ته پوءِ سڀ مٺ ٿي مڙي اهڙي عمل لاءِ جدوجهد ڇو ڪين ڪري رهيا آهن؟ سوال منجهائيندڙ آهي.

تجربو ۽ علم قومن کي سکياريندو آهي، تجربو رستا ڏيکاريندو آهي، سنڌ جي حقن ڦٻائڻ وارا، سنڌ کي غريب کان غريب ترين ڪرڻ وارا، سنڌ جي عوام کي غربت جي لڪير کان هيٺ ڪيرائڻ وارا، سڀ هڪ پيج تي آهن، سنڌ جي خلاف ڪم ڪندڙ ڪهڙن به نالن ۾ هجن گڏ آهن، ڇا اهو وڏو مشاهدو نه آهي جنهن مان سنڌ جي وطن دوست سياسي اڳواڻن کي پرائڻ گهرجي ۽ عمل ڪرڻ گهرجي.

اهو ممڪن نه آهي ته سنڌ جي خلاف مڙني عملن ڪرڻ وارن وانگي سنڌ سان پيارڪندڙ، سنڌ دوست سڏائيندڙ، سنڌ کي خوشحال بڻائيندڙ، سڀ سنڌي عوام جا سياستدان هڪ پيج تي، پنهنجي مخالفن جيان گڏ هجن، جيئن هو انهن کي پاڻ محسوس ڪرائي سگهن، پنهنجي ٻڌي ۽ ايڪو ۽ ان ايڪي ۾ سمايل طاقت محسوس ڪرائي سگهن، سندن مخالف سنڌ دشمن جيڪو چاهين ٿا، اسين انهن جي سازشن ۾ اچي جدا جدا رستو اختيار ڪرڻ کان اڳ ئي پاڻمرادو هڪٻئي کان الڳ بيٺا آهيون  ڇا ان عمل تي به ڪڏهن سنڌي وطن دوست سياستدانن سوچيو آهي.

سنڌي سياسي  پارٽين جو هر احتجاج سندن بيجا انائن جي ورچڙهيل نظر اچي رهيو آهي، سنڌ جي پارٽين جو هر اڳواڻ فقطن اهو چاهي ٿو ته جيترا به ڀل اهي عدد ۾ ٻه درجن تائين  ماڻهو ڇو نه ئي هجن پر سندس شخص جي اڳيان پٺيان هجن، ڪنهن وقت ٽانگي مان لهندي به سندس اڳيان ڪارڪنن طور خوشامند جي گهور گهوريندا رهن.

ايئن ڏسي محسوس ڪبو آهي ته سنڌ هڪ سياسي ايڪيوريم بڻيل آهي، جنهن ۾ شامل ٿيل مڇيون، سڀ، الڳ الڳ رنگ جون آهن، سندن پنڌ الڳ الڳ رخ ۾ آهي، سندن دلچسپيون الڳ الڳ آهن، سندن مجبوري رڳو هڪڙي آهي جيڪا آهي ايڪوريم جو قيد، ڇاڪاڻ ته هنن جي نه چاهيندي به سندن مجبوري اها آهي ته انهن سڀني کي الڳ الڳ رخن، رنگن ۽ پيچرن جي هوندي رهڻو انهيءَ ئي ايڪوريم ۾ آهي، هو اهو سمجهڻ کان بنهه اڻ واقف آهن ته اهو ايڪوريم،  ڪنهن جو آهي اڄ ڪٿي آهي ۽ سڀاڻ ڪٿي هوندو. هنن سنڌ جي وطن دوست چوائيدڙ سياستدان لاءِ سنڌ هڪ ايڪوريم ئي آهي، ٻيءَ طرح هو هڪ ٻئي کي ڪنهن به طرح برداشت ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن، سنڌ ۽ ان  جي عوام سان همدردي، سندن پاڻ لاءِ جيئڻ جو نعرو آهي، ان ۾ سنڌ جي ٻئي ڪنهن به قسم جي ترقي ۽ خوشحاليءَ لاءِ جدوجهد ڪرڻ جا هو ڪا هڪ ڍونگ/ناٽڪ کان وڌيڪ ڪجهه نه آهي، اهو سڀ عرصو اونداهيءَ ۾ رهڻ ۽ جيئن کان نابري واري ويٺل ان مڇي وانگر آهن جيڪا سڄي ڄمار ان ايڪوريم جي ٽٽڻ جو اوسيئڙو ڪندي آهي ته ان کان ٻاهر نڪري  هوءَ ڪنهن ڪشادي ڍنڍ ۾ جيئڻ لڳي ۽ اٿاهه پاڻي ۾ ترڻ جو ڍنگ سکي سگهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.