ڇا!مخالف ڌر جي اي پي سي حڪومت کي پريشان ڪري سگهندي؟

مظهر خاصخيلي

پاڪستان پپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ميزبانيءَ هيٺ اسلام آباد جي هڪ هوٽل ۾  مخالف ڌر جي پارٽين جي آل پارٽيز ڪانفرنس گهرائي وئي هن اي پي سي ۾ مخالف ڌر جي 11 جماعتن جي اڳواڻن ۽ نمائندن شرڪت ڪئي اي پي سي کي سڀ کان پهريان پ پ جي ڪوچيئرمين اڳوڻي صدر آصف علي زرداري خطاب ڪندي چيو ته هيءَ اي پي سي جيڪا اڄ ٿي رهي آهي. ان کي ڪافي وقت اڳ ٿيڻ هو پر ڪجهه مجبورين سبب نه ٿي سگهي جيڪا هاڻي ٿي رهي آهي.ان مان ڪافي اميدون آهن اسان جمهوريت کي ٻن سالن کان بچائڻ جي ڪوشش ڪندا آيا آهيون ۽ اسان چاهيون ته سمورن ادارن کي جمهوري انداز سان ڪم ڪرڻ جي لاءِ آزاد ڇڏيو وڃي پر ائين نٿو لڳي، هيءُ آندل وزيراعظم پنهنجو پاڻ کي چالاق سمجهي رهيو آهي.سندس حڪومت پاڻ به ڪم ڪرڻ جي لاءِ تيار ناهي ۽ نه وري اسان کي ڪم ڪرڻ ڏنو ٿو وڃي هتي ميڊيا مٿان ايتريون پابنديون لڳايون ويون آهن جو منهنجو ٿيل انٽريو ته روڪرايو ويو پر اڳوڻي آمرپرويز مشرف کي ڪڏهن ميڊيا تي اچي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ کان ناهي جهليو ويو، جيڪي هن حڪومت کي وٺي آيا آهن انهن ميان نواز شريف جي هن اي پي سي کي خطاب ڪرڻ واري عمل کي روڪڻ جي لاءِ ڪئي آهي.ههڙيون پابنديون اڳ ڪڏهن ميڊيا جي مٿان ناهن ڏٺيون ويون هن اي پي سي کي وڊيو لنڪ وسيلي خطاب ڪرڻ کان پوءِ مونکي شايد اها پڪ آهي. ته جيل وڃڻو پوندو ان ڪري مولانا صاحب کي چوان ٿو ته اوهان منهنجي ملاقات ڪرڻ ايندا الائي نه!

اي پي سي کي اڳوڻي وزير اعظم ۽ مسلم ليگ ن جي قائد ميان نواز شريف خطاب ڪندي پاڪستان جي ڳجهن ادارن ۽ عدليا مٿان ڇوهه ڇنڊيندي چيو ته مان ملڪ کان پري آهيان پر مونکي سڄي خبر آهي ته ملڪ جو عوام ڪهڙين تڪليفن مان گذري رهيوآهي.مان مولانا فظل الرحمان جي سمورين تجويزن سان متفق آهيان ته، اسان کي هن آل پارٽيز ڪانفرنس کي مقصد وارو بڻائڻ جي لاءِ هتي ڪيل فيصلن تي بيهي عمل ڪرڻو پوندو، دنيا ڀرجي جمهوري ملڪن جي جمهوريت ان کي چئبو آهي. جتي ووٽ جي حق کان عوام کي جهليو ناهي ويندو،جمهوري ملڪن ۾ ووٽ کي عزت ڏني ويندي آهي. عوام جي ووٽن سان چونڊجي آيل حڪومتن ۽ وزير اعظمن کي مان ڏنو ويندو آهي .پر اسان وٽ اڳواٽ اهو فيصلو ٿيل هوندو آهي. ته ڪنهن کي اليڪشن کٽائي اقتدار تائين پهچائڻو آهي.ڪنهن نه اسان جي ملڪ اندر چونڊيل وزيري اعظمن کي ڦاسيءَ تي چاڙهيو ويو،گوليون هڻي قتل ڪيو ويو،ڪوڙا ۽ من گهت ڪيس جوڙي انهن کي جيلن ۾ واڙيو ويو ۽ بندوق جي زور تي انهن کي پنهنجي ڪرسين تان لاٿو ويو ۽ ڪنهن به وزيراعظم کي پنهنجو مدو پورو ڪرڻ ناهي ڏنو ويو پر آمرن کي هتي 9 کان 11 سالن تائين ڪرسي مٿان ويهاري اڇي ڪاري جو مالڪ بڻايو ويو آهي.هن ملڪ جي اها به تاريخ رهي آهي ته هتي ڪنهن آمر کي سزا ناهي ڏني وئي 2018 جي اليڪشن کان پوءِ جيڪا حڪومت هڪ نااهل ماڻهو جي هٿ ۾ ڏئي ملڪ جي معشيت جو ٻيڙو ٻوڙيو ويو آهي. هاڻي اسان جي ملڪ جو رپيو ڀارت،بنگال کان پوءِ افغانسان ۽ نيپال جي رپئي کان به هيٺ اچي ويو آهي.هن ملڪ جي خارجا پاليسي ڪڏهن به چونڊيل حڪومت کي ٺاهڻ جو موقعو ناهي ڏنو ويو۽ ملڪ اندر ڪافي اهڙيون ڪاروايون ۽ واقعا اهڙا ٿيا آهن ،جن جي باري ۾ عام ماڻهو ته پري ٿيو پر ملڪ جي وزيراعظمن کي به ناهي ٻڌايو ويندو ۽ اهڙن واقعن جي سزا وري انهن وزيري اعظمن کي ملندي آهي. نواز شريف ڊان ليڪس جو حوالو ڏيندي تمام ڏکاري انداز سان چيو ته ان ۾ جيڪو ڪجهه بيان ڪيو ويو اهو سچ هو ان جي علط رپورٽ تحت کيس ملڪ جو غدار ڪري پيش ڪيو ويو هن چيو ته اسان جي سڀ کان وڏي غلطي هئي جو اسان هڪ آمر پاران ٺاهيل نيب جي قانون کي برقرار رکي آياسين سينٽ جي چونڊن کان اڳ بلوچستان ۾ موجود هڪ ڳجهن ادارن جيسربراهه بلوچستان جي صوبائي حڪومت ڪيرائي سينٽ جي چونڊن ۾ داندلي ڪئي هاڻي وقت اچي ويو آهي.ته هيءَ اي پي سي سخت فيصلا ڪري اي پي سي جيڪي فيصلا ڪندي مسلم ليگ ن انهن فيصلن جي ڀرپور حمايت ڪندي اي پي سي کي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف سميت ٻين پارٽين جي اڳواڻن خطاب ڪيو اصل ۾ هاڻي ڏسجي ته مخالف ڌر جي  آل پارٽيز ڪانفرنس جي ڪيل سمورن فيصلن تي ان ۾ شرڪت ڪندڙ 11 سياسي پارٽيون ڪهڙو عمل ڪن ٿيون ۽ اي پي سي جي پليٽ فارم تان ڪيل فيصلن جي روشني ۾ موجودهه تحريڪ انصاف جي حڪومت کي گهر موڪڻ جي لاءِ پنهنجي ڪهڙي حڪمت عملي جوڙي ميدان م لهن ٿا ۽ هڪ ڏينهن اڳ  اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس پنهنجي فيصلي ۾ رمارڪس ڏيندي چيو آهي. اسلام آباد ۾ قانون نالي ڪابه شي ءِ نظر نٿي اچي ،ائين لڳي ٿو ته رياست جو ڪوبه وجود ناهي هيءَ ڳالهه ڪو عام ماڻهو نٿو ڪري جا وري ڪنهن سياسي پارٽي جو اڳواڻ چوي ٿو ان ڪري هن ملڪ جي هر اداري سميت سگهارين ڌرين سميت سياسي پارٽين جي اڳواڻن  کي سوچڻ گهرجي ته هن وقت پيداٿيل صورت حال جنهن مان ملڪ جي عدليا کي به ائين ڇو؟ محسوس ٿي رهيو آهي. ته اسان جنهن ملڪ ۾ رهون ٿا ان کي هلائيندڙن جي غلط پاليسين جي ڪري رياست کي ناڪام سڏيو ٿو وڃي ۽ هڱ به هن ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ هر وقت پنهنجي مفادن جي لاءِ سياسي پارٽيون ۽ ليڊرٺاهيندي رهي آهي ۽ هتي اصل عوام مان ڪڏهن به ڪنهن سياسي پارٽي جا وري ليڊر کي مٿي اڀرڻ ان جي ڪري ناهي ڏنو ويو جو اسان جي اسٽيبلشمنٽ کي انهن ليڊرن مان وڏو خوف آهي ڪٿي اهو جيڪي عوام مان ۽ عوام جا ليڊر هنن پاران ٺاهيل سموري نظام کي ويڙهي اصل عوامي راڄ قائم نه ڪري ڇڏن ان جي لاءِ هر واري عوا کان ويسا گهاتي ڪئي ويندي آهي هڱ به رياست جڏهن شديد بحران جي ور چڙهندي آهي ته پوءِ اتي سمورو معاشرو به تباهه و برباد ٿي ويندو آهي ان کي بچائڻ لاءِ ڪي منصوبا ڪي پلان ڪي رٿون ڪي فيصلا ڪن ترڪيبون جوڙي رياست کي ان بحران مان ڪڍڻ لاءِ ڪوشش ڪئي ويندي آهي ته جيئن سمورو معاشرو تباهي ۽ بربادي کان ۽ بچي سگهي ڇو ته انساني فطرت تحت سماج کي دائم ۽ قائم رکڻ لاءِ سماج جي بهتري لاءِ ڪي جوڳا اپاءُ وٺڻ ئي رياستي حڪمرانن جو فرض هوندو آهي پر بدنصيبي سان ڏٺو وڃي ته پاڪستاني رياست اندر جيڪو هن وقت مالي سياسي توڙي قومي حوالي سان تهذيبن جو ٽڪراءُ نظر اچي پيو ان جو ذميوار ملڪ اندر وقت جو هر حڪمران پوءِ چاهي اهو جمهوري هجي چاهي اهو آمريتي ڇانءَ ۾ پلجندو هجي. تجزئي نگارن جو خيال آهي. ته 2019 جي پهرين مهينن ۾ جي يو آءِ ف جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جي رهائش گاهه اسلام آباد ۾ سندس سربراهي هيٺ اپوزيشن پارٽيز جي آل پارٽيز ڪانفرنس سڏائي وئي هئي، جنهن ۾ مولا نا فضل رحمان پاران سمورن مخالف ڌر جي پارٽين سامهون 2 تجويزون رکيون ويون هيون .1 گڏيل قومي اسيمبلي مان مخالف ڌر جي سمورن ميمبرن کي استعيفون ڏيڻ واري 2 جنهن ڏينهن 25 جولاءِ 2018 تي اليڪشن ٿي هئي ان 25 جولاءِ جي ڏينهن کي سڄي ملڪ ۾ گڏيل طور تي ڪارو ڏينهن ڪري ملهائڻ  واري تجويز ان اي پي سي ۾ قومي اسيمبليءَ اندر مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف سميت مسلم ليگ ن جي سربراهه ميان نواز شريف جي ڌيءُ مريم نواز پنهنجي پارٽي جي چيئرمين راجا ظفرالحق،شاهد خاقان عباسي، احسن اقبال،اميرمقام،عبدالقادربلوچ ،شاهه محمد شاهه، راڻا ثناءُ الله سميت 10 رڪني وفد سميت شرڪت ڪئي.

ٻئي طرف پ پ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري 5 رڪني مرڪزي اڳواڻن يوسف رضا گيلاني ،رضا رباني،نيئربخاري،شيري رحمان ۽ فرحت الله بابر سميت شرڪت ڪئي جڏهن ته ٻين پارٽين اي پي سي ۾ اي اين پي سربراهه اسفند يار ولي، پختونخواه ميپ جو سربراهه محمود خان اچڪزئي، جماعت اهلِ حديث جو علامه ساجد مير، شاهه اويس نوراني ۽ آفتاب شرپائو ۽ حاصل بزنجو به موجود هئا جن 11 رڪني ڪاميٽي جوڙي هئي ان ۾  اڳوڻا وزيراعظم يوسف رضا گيلاني،شاهد خاقان عباسي ،فرت الله خان بابر،احسن اقبال،راڻا ثناءُ الله ،رحمت الله ڪاڪڙ،اويس نوراني ۽ ٻيا ميمبر چونڊيا  ويا، انهن پاڻ ۾ ڪافي وقت تائين هڪ گڏيل اجلاس ڪيو، جنهن کان پوءِ هيٺين تجويزن تي متفق ٿي انهن تجويزن کي لکت ۾ کڻي اچي پنهنجن اڳواڻن جي اڳيان رکي اي پي سي جو گڏيل پڌر نامو پيش ڪيو جنهن تحت . 25 جولاءِ 2018 تي ٿيل عام چونڊن کي رد ڪندي موجود حڪومت کي جعلي حڪومت کوٺيو ويو ۽ 25 جولا ءِ جي ڏينهن کي سڄي ملڪ اندر ڪارو ڏينهن ڪري ملهايو ويندو .سينٽ جي چيئرمين کي هٽائڻ جي لاءِ مخالف ڌر جي ميمبرن جو انگ پورو ڪري سينٽ جي چيئرمين صادق سنجراڻي کي هٽايو ويندو ۽ موجوده حڪومت جي سمورن فيصلن کي ملڪي سلامتيءَ جي لاءِ خطرناڪ ڪرار ڏيندي ملڪ اندر نيون چونڊون ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو هو جڏهن ته  جماعت اسلامي جي سربراهه سراج الحق، مولانا فضل الرحمان جي هلي وڃي ملاقات ڪري دعوت ڏيڻ جي  باوجود شرڪت نه ڪئي هئي . ۽ نه وري سندس ڪو وفد اي ،پي ،سي ۾ شامل ٿيو هو. ان ڪري پ پ جي اڳواڻي ۾ ٿيندڙ هن اي پي سي ۾ به جماعت اسلامي جي امير سراج الحق شموليت کان جواب ڏئي ڇڏيو ان ڪري سوچڻ سمجهڻ جهڙي ڳالهه وري به اها آهي.ته  پ پ پاران سڏايل آل پارٽيز ڪانفرنس پنهنجا نتيجا ڏئي سگهي يا وري هن اي پي سي جي ڪيل فيصلن جي حالت ۾ ماضي ۾ جي يو آءِ جي ميزباني ۾ ٿيل اي پي سي جي فيصلن جهڙي ڪئي ٿي وڃي ڇو ته. هاڻي عام ماڻهن کان وٺي سياسي پارٽين جي رهنمائن تائين سمورن کي ان ڳالهه جي خبر پئجي وئي آهي ته موجودهه حڪومت آڻيندڙ اهي سگهاريون ڌريون آهن جن پ پ ۽ مسلم ليگ ن سميت ٻين سياسي پارٽين کي جوڙي ايوانن کان اقتدار تائين پهچايو آهي.يقينن اهي ڌريون موجودهه اي پي سي جي ڪيل فيصلن کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏينديون

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.