سنڌ ۾ امن امان قائم ٿيڻ ھڪ خواب بڻيل!

اسلم ھزار خان چانڊيو

21 سيپٽمبر تي يعني اڄوڪي تاريخ تي پوري دنيا ۾ امن جو عالمي ڏينھن ملھايو ويندو آھي امن پيار محبت ۾ ھر ماڻھو رھڻ چاھيندو آھي جنھن ملڪ يا صوبي ۾ امن امان برقرار ناھي ھوندو اُتي ماڻھو بدامني، بک، بدحالي،لاقانونيت،ظلم،جبر،بربريت جو شڪار  ٿيندا آھن.

امن جي ڳالهھ ڪنداسين ته جيڪو سنڌ ۾ ھڪ خواب بڻيل آھي، اھو حقيقت ۾ ڪڏھن تبديل ٿيندو ڪا خبر ناھي شايد ئي ڪو سنڌ ۾ اھڙو ڏينھن ھجي جو بدامنيءَ جي خبر نه ملندي ھجي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ منجھان ھر روز معصوم ٻارڙن سان زيادتين جا واقعا پيش اچن ٿا نياڻين عورتن کي روڊن تي جنسي حوس جو نشانو بنايو پيو وڃي، قبيلائي جھڙا، فساد نفرتون سنڌ کي ڄڻ ورثي ۾ ملي ويو آھن. اھڙن ڏھاڙن جي ملھائڻ جو مقصد اھو ھوندو آھي ته ماڻھو کي خبر پوي ته پيار محبت سان رھڻ گھرجي پر اسان جي سماج ۾ ننڍن توڙي وڏن شھرن ۾ بدامني روز وڌندي وڃي ٿي.

شڪارپور، ڪشمور، خيرپور جي ڪچي واري علائقي مان ماڻھو اغوا ٿيڻ روز معمول بڻيل آھن سنڌ ۾ قبيلائي جھڙا ختم ٿيڻ جو نالوئي نٿا وٺن نفرتون انائون ختم ئي نٿيون ٿين لطيف سائين جي سنڌ جا ماڻھو ھڪ ٻئي جا ويري بڻيل آھن، ماڻھو سُک جو ساھ به نٿا کڻن ايتري قدر جو رات جو گھر کان ٻاھر به نٿا نڪرن روڊن تي ڦر وارڌاتن جا واقعا روز جو معمول بڻيل آھن، پوليس به خاموش آھي،  اسان جون نياڻيون غير محفوظ آھن جنسي بگھڙن سندن جيئڻ حرام ڪري ڇڏيو آهي جيڪڏھن ڏسجي ته جيڪي مٿي ذڪر ڪري آيو آھيان اھي سڀ واقعا روز پيش ايندا سنڌ جا ماڻھو امن جي فضا کان واجھيل آھن اھڙي صورتحال ۾ ڪير پنھنجي نياڻي کي گھر کان ٻاھر ڇڏيندو، بدامني ايتري پکڙجي چڪي آھي جو ٻار به غير محفوظ ٿي چڪا آھن اڄ ڪالهھ پوليس اھڙن واقعن کانپوءِ بيان ۾ چوي ٿي ٻار اڪيلا ڇوٿا نڪرن يعني رياستي ادارن تي ڪا به ذميواري ناھي امن امان قائم ڪرڻ جي ذميواري رياستي ادارن مٿان عائد ٿيل آھي پوءِ به ذميواري محسوس ڇونٿا ڪن؟

اڄوڪي امن جي عالمي ڏھاڙي تي اسان کي گھرجي ته نفرتون ۽ ائون ختم ڪري محبت ۽ امن قائم ڪريون،ھڪ ٻئي سان محبت ڪريون،رياستي ادارن کي گھرجي ته امن امان قائم ڪرڻ واري ذميوراي کي محسوس ڪن، صرف محبت جو ھڪ ڏينھن ڇو ھجي سمورا ڏينھن لطيف سائين جي سنڌ ۾ امن ھجي پوليس کي گھرجي ته ڪي جوڳا اُپاءُ وٺي جيئن لطيف سائين جي سنڌ ۾ امن امان قائم ھجي ۽ سنڌ جي عوام کي گڏو گڏ پنھنجي ملڪ جي خوشحالي لاءِ سڀ انائون نفرتون ختم ڪرڻ گھرجن

افسوس سان لکڻو پوي ٿو ته سنڌ ۾ امن جي صورتحال قائم ٿيڻ ھڪ خواب بڻيل آھي

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.