ڄام نواز علي علي لڳ پوليس جو زميندار جي نجي جيل تي ڇاپو، 5 هاري بازياب

ڄام نوازعلي( ن ع آ) ايڊيشنل ڪورٽ ٽنڊوآدم جي حڪم تي نئون آباد پوليس جو زميندار الله بخش شر جي نجي جيل تي ڇاپو هنيو  جتي مبينا باندي بڻيل هڪ عورت شريمتي رحيما سندس پٽ ڪرن ۽ ٻه ڌيئرون بيبي ڀيل  هيمي ڀيل کي بازياب ڪرائي ورتو ايڊشنل ڪورٽ ٽنڊوآدم جي عدالت ۾ واگهو ڀيل درخواست داخل ڪرائندي موقف اختيار ڪيو ته زميندار الله بخش شر منهنجي زال ۽ٻارن کي زبرستي قيد ڪري هٿيارن جي زور تي  پورهيو ڪرائي رهيو آهي  جنهن ته عدالت نئون آباد پوليس کي  هاري بازياب ڪري عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو جڏهن ته زميندار الله بخش شر خبر پوڻ تي عدالتي حڪم کي  ٿڏي  فريادي کي  هٿيارن جي زور تي سخت مارڪٽ ڪري زخمي ڪري وڌو نئون آباد پوليس سندس جيل تي ڇاپو هڻي مبينا باندي بڻيل عورت سميت ٽن ٻارن ۽ فريادي کي زخمي حالت ۾ هٿ ڪري نئون آباد ٿاڻي تي آندو جتي زخمي کي علاج لاءِ ڄام نوازعلي اسپتال آندو ويو پوليس موجب ڪاروائي عدالتي حڪم تي ڪيو آهي زميندار وٽان باندي بڻيل عورت ۽ سندس ٻارن کي بازياب ڪرايو آهي فريادي کي زخمي حالت ۾ هٿ ڪيو آهي جنهن  کي اسپتال  ۾ علاج لاءِ منتقل ڪيو آهي  صبح جو کين عدالت ۾ پيش ڪنداسين زخمي ٻڌايو ته زميندار وڏو ظلم ڪيو آهي عدالت ۾ دانهڻ تي مون کي هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي  سخت مارڪٽ ڪري زخمي ڪري وڌو آهي زميندار ٽن سالن تائين پورهيو ڪرايو ڪو به حصاب ڪتاب نه ڪيو مجبور ٿي عدالت ۾ دانهيو آهي. رابطو ڪرڻ تي زميندار  الله بخش شر ٻڌايو ته مون وٽ ڪا نجي جيل ناھي ھارين تي قرض آھي اھو ڦٻائڻ لاءِ ھنن عدالت ۾منھنجي خلاف ڪوڙي درخواست ڪئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.