سکر لڳ 4 عورتون مبينا اغوا، احتجاج

سکر( رپورٽر) سکر ۾ ڪانڌڙا برادري جي ماڻهن جو 4 عورتن جي اغوا خلاف احتجاج، خيرپور جي ڪوٽڏيجي جي علائقي ڳوٺ  جهنگل خان جي رهواسين زاهد حسين ڪانڌڙو، غلام مرتضي، ظهرا خاتون مائي لطيفان ۽ ٻين سکر پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪندي چيو آهي ته سال 2014 ۾ جوابدار امان الله ڪانڌڙو، ثمينه، ستارا، عائشا ۽ ٻين شمشاد خاتون زال ضمير ڪانڌڙو کي ڌيئرن دادلي، رمشا ۽ گلزار خاتون سان گڏ شهر گهمائڻ بهاني اغوا ڪري گم ڪيو هو، جن جو هن وقت تائين ڪوبه ڏس پتو ناهي پئجي سگھيو، واقعي جو ڪيس عدالت ۾ هلندڙ آهي پر خيرپور پوليس هن مهل تائين مغوي عورت کي ڌيئرن سميت آزاد ناهي ڪرائي سگهي، هنن اعليٰ اختيارين کان عورتن جي بازيابي جو مطالبو ڪندي انصاف جي گهر ڪئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.