سياست ۾ چيلن جو منفي ڪردار!

غلام حسين لغاري

پهرين مارشل لا لڳائيندڙ صدر ايوب خان جي حڪومت گهڻين ڳالهين، وقت جي بهترين ۽ ترقي ڏانهن وک وڌائيندڙ حڪومت هئي پر انجو زوال تڏهن آيو جڏهن  ايوب جي چيلن جو انگ وڌيو۔ نواب آف ڪالا باغ سميت جاهل ۽ اڻ پڙهيل وڏيرا گورنر وزير ۽ ميمبر بڻيا جن ايوب خان جي ڀر ۾ ويهي ايوب خان جا راڳ پئي آلاپيا ۽ کيس غلط مشورا پئي ڏنا،  ساڳي وقت اندر اندر ۾ کڏون به پئي کوٽيون جن کان هو خبر رکندي به بي خبر رهيو .

هڪ اهڙو وقت به آيو جو ايوب خان سمجهي ويو ۽ قوم کي خطاب ڪري صدارت ڇڏي،  زندگيءَ جي آخري وقت تائين گهر اندر درود ۽ نمازون پڙهي مزي سان پنهنجي مخالفن ۽ چيلن جو ٿيندڙ حشر و نشر پئي ڏٺائين ۔ جڏهن وفات ڪيائين پوءِ به کيس فوجي اعزاز سان مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو۔ سندس پونئير هن وقت به سياست ۾ باعزت مقام رکن ٿا ۔ ۔ايوب خان جي دور حڪومت ۾ آمريڪا جي سهڪار سان معاشي ترقي به ٿي پر ايوب خان انهيءَ  ڪري سخت تنقيد جو نشانو بڻيو جو هن غلام محمد بئراج سان لاڳاپيل انتهائي زرخيز قيمتي سنڌ جون زمينون طاقتور ڌرين کي الاٽ ڪيون ۽ پنجابين کي سنڌ ۾ آڻي وسايو جن سنڌ ۾ به چڪ قائم ڪيا ۽ اڄ اهي سنڌ جي زمينن تي قابض لڳا ويٺا آهن.ون يونٽ جي آڙ ۾ سنڌ جا ڪم ڪاري ڪاريون لاهور ۾ ٿيندا هئا جيڪي هتان جا انوقت جا سياستدان ۽ چونڊيل اسيمبلي ميمبر عرضيون کڻي پهچندا هئا جنهنڪري سنڌ جو ماڻهو ۽ نوجوان ايوب خان ۽ لاهور جو محتاج هوندو هو.

جڏهن ايوب خان جي سرڪار جو زوال آيو ۽ يحيٰ خان ملڪ جون واڳون سنڀاليون ته هن ٻه سٺا ڪم ضرور ڪيا، جن ۾ پهريون ڪم ون يونٽ جو خاتمو ڪري صوبن کي آزادي ڏني آهي ۽ ٻيو ڪم ملڪي سطح تي آزاد منضفاڻيون چونڊون ڪرايون ويون. پر اهو چيو وڃي ٿو ته اهي چونڊون يحيٰ خان پنهنجي خواهش ۽ مرضي سان نه ڪرايون هيون، ان ۾ به ڪجهه طاقتور ڌرين ۽ ملڪن جو زور ۽ دلچسپي هئي جن جا پنهنجا مفاد هئا ۽ کين اها خبر هئي ته ملڪ ۾ مارشل لا جي لاڳيتي تسلط ڪري اولهه پاڪستان جون پارٽيون حڪومت ٺاهڻ جهڙي اڪثريت حاصل نه ڪري سگهنديون، جڏهن ته اوڀر پاڪستان ۾ شيخ مجيب جي عوامي ليگ اڪثريت ۾ ايندي. ٿيو به ايئن جو اولهه پاڪستان ۾ پ پ پ ۽ اوڀر پاڪستان  ۾ عوامي ليگ اڪثريت حاصل ڪئي جنهن ۾ عوامي ليگ کي حڪومت ملڻ گهرجي ها جيڪا ان کي نه ملي.سياسي بحران پئدا ٿيو ۽ بعد ۾ جنگي صورتحال ڪر کنيو،  جنهن ملڪ کي ٻن ٽڪرن ۾ ڪري ڇڏيو جيڪو سانحو هن وقت به پاڪستان جي ماڻهن جي دلين تان وسري ناهي سگهيو.البته يحيٰ جي فيصلن سان ون يونٽ جي خاتمي سان سنڌ ۾ پهريون ڀيرو سنڌي ڪامورا مقرر ٿيڻ لڳا ۽ پنجاب واسي ڪامورا پنهنجي پنهنجي گهرن ڏانهن وريا.

چيو وڃي ٿو ته يحيٰ خان جي اهڙي فيصلي تي پنجاب واسي چيلن ۽ ڪجهه طاقتورن نوٽيس ورتو ۽ ڳجهه ڳوهه ۾ يحيٰ خان کي منظرنامي تان هٽائڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن ۾ اهي ڪامياب ويا.

پاڪ ڀارت جنگ جي نتيجي ۾ يحيٰ خان جو زوال آيو ۽ ملڪ جي طاقتور ڌرين جي هٿان سنڌ ڄائي عالمي معيار جي سياستدان ذوالفقار علي ڀٽي کي ملڪي واڳ حوالي ڪئي وئي جنهن به ڪافي عوامي ۽ جمهوري ڪم ڪيا جن ۾ 73 جو جو متفقه آئين، اسلامي ملڪن جي سربراهي ڪانفرنس ۽ ائٽمي پلانٽ جو قيام اڄ به قوم کي ياد آهي پر هتي به چيلن وقت جي عوامي وزيراعظم کي منجهائي وڌ ۽ کائنس غلط ڪم ڪرايا جن ۾ 1977 واريون عام چونڊون جيڪي ڌنڌلين جو شڪار ٿيون.پ پ پ جا مک ليڊر ۽ اڳواڻ بنا مقابلي ڪامياب ٿيا ۽ برک سياسي اڳواڻن کي اغوا ڪرايو ويو يا وري جيلن ۾ نظربند ڪرايو ويو. جنهنڪري ملڪ سياسي بحران جي ور چڙهي ويو ۽ طاقتور ڌرين کي مداخلت ڪرڻ جو موقعو مليو،  جنهن ۾ نه صرف پ پ پ جي چونڊيل حڪومت هلي وئي پر انجي عوامي اڳواڻ ذوالفقار علي ڀٽي کي هڪ جڙتو ڪيس ۾ شهيد ڪيو ويو.ضياءُ الحق جي غير جمهوري حڪومت کي ڏهن سالن جو ڊگهو عرصو مليو پر هتي به چيلن ڪم ڏيکاريو جو کيس خبر ئي نه پئي ۽ جهاز جي هڪ حادثي ۾ گذاري ويو.ضياءُالحق جو سمورو دور ڪاري دور طور سڃاتو ۽ سڏيو وڃي ٿو جنهن ۾ ڪنهن به قسم جي ڪا خاطرخواهه ترقي يا عوامي مفاد وٽان ڪم نه ٿيا.

سياسي توڙي غير سياسي چيلا هر دور ۾ پنهنجو ڪم ڏيکاريندا پيا اچن ۽ اهي ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان حڪومتن جو حصو رهندا پيا اچن.عوام ۽ طاقتور ڌريون به کين ڀلي ڀت سڃاڻين پر چيلا حڪومتن جي جوڙ ٽوڙ جو حصو هوندا آهن تنهنڪري انهن کي سدائين هر سطح تي وڏو پروٽوڪول ۽ ناجائز فائدا ملن ٿا ۽ ملندا رهيا آهن.هنن چيلن محمد خان جوڻيجو،محترمه بينظير ڀٽو، آصف علي زرداري ۽ ميان محمد نواز شريف کي به ڪونه بخشيو،  جڏهن ته هنن جي دور حڪومتن ۾ غلط ڪم ضرور ٿيا هوندا پر اڪثر عوامي ۽ جمهوري ڪم ٿيا ۽ هنن جي دور ۾ غربت وارو انگ گهٽيل رهيو جيڪو موجوده دور ۾ ڏهوڻ تي آهي.

آصف علي زرداريءَ تي ڀلي لکين الزام لڳن پر هن ارڙهين ترميم وسيلي صوبن کي حق ڏنا ۽ پنهنجا اختيار وفاقي حڪومت کي منتقل ڪيا جيڪو قدم هن وقت به قابل تعريف آهي ۽ سندس مخالف به انتي متفق آهن.البته چيلن اهو به ڪم ڪري ڏيکاريو جو ق ليگ جنهن کي آصف علي زرداري قاتل ليگ جو طعنو هنيو هو ان ليگ جو اڳواڻ ملڪ جو پ پ پ دور حڪومت ۾ نائب وزيراعظم رهيو ۽ هاڻ عمران خان جو ساٿاري آهي.

هن وقت خانداني چيلا جيڪي آصف علي زرداري،نوازشريف ۽ ٻين سان گڏ هئا سي پنهنجيون وفاداريون بدلائي پي ٽي آءِ ۾ پهچي چڪا آهن ۽ مک وزارتي منصبن تي ڪم پيا ڪن.هتي به چيلن ڪم ڪري ڏيکاريون آهي جو اهو عمران خان جنهن تبديلي جي نعري سان واڳون سنڀاليون هيون سو يوٽرن خان ۾ خود تبديل ٿي چڪو آهي.سندس حڪومتي دور جي گذريل ٻن سالن جو ڪو به ڪم عوامي سڏي نٿو سگهجي.ملڪي اقتصاديات کي وڏو ڌڪ لڳي چڪو آهي،مهانگائي وڌي وئي آهي، غربت گهٽ ٿيڻ جو نالو ئي نٿي وٺي ۽ پرڏيهي پاليسيون به متاثر پيون ٿين.پارٽي جا اهي برک ۽ ناليوارا اڳواڻ جن کيس اقتداري ايوانن تائين پهچايو سي به ڳوليا نٿا لڀن ۽ حڪومت ڪرپشن طرف پئي وڃي.خبر ناهي ته هر دور ۾ جنم وٺندڙ اهڙن چيلن جو اختتام آخر ڪڏهن ٿيندو جو سياسي حڪومتون عوام جي خدمتن ڏانهن وڌن.ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته جيڪڏهن ملڪ هلائڻو آهي ۽ عوام جي دل سان خدمت ڪرڻي آهي ته پارٽيون بدلائيندڙ چيلن کي سڃاڻڻو پوندو ۽ کين حڪومتي پاليسين ۽ صلاح مشورن کان پري رکڻو پوندو.

[email protected]

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.