مولانا فضل الرحمان جو تقرير لائيو نشر نه ڪرڻ تي احتجاج

اسلام آباد ( م ڊ ) مخالف ڌر جي اي پي سي ۾ مولانا فضل الرحمان جي تقرير لائيو نشر نه ٿي سگهي، جي يو آءِ سربراهه پنهنجي خطاب دوران پ پ قيادت سان احتجاج ڪندي چيو ته حڪومت ته اسان جو آواز عوام ۾ وڃڻ کان روڪي ٿي پر اي پي سي به اسان جي تقرير روڪي، اسان پ پ ۽ انتظاميا سان احتجاج ڪريون ٿا،ان تي بلاول چيو ته ايم ايم اي ۾ شامل اوهان جي ٻي پارٽي جي درخواست تي هي ان ڪيمرا آهي، ان کان پوءِ پريس ڪانفرنس  ٿيندي. بلاول جي موقف تي مولانا جواب ڏنو ته هي ان ڪيمرا ته نه آهي، ان تي شيري رحمان چيو ته اسان کي چيو ويو هو ته اوهان درخواست ڪئي آهي، ان تي جي يو آءِ سربراهه چيو ته اسان ڪا به درخواست نه ڏني هئي ، بعد ۾ محمود خان اچڪزئي معاملو رفع دفع ڪرائي ڇڏيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.