ادارا نواز شريف جي تقرير جو نوٽيس وٺن، کيس بيانيو ڪٿان پيو ملي: وفاقي سرڪار

اسلام آباد( م ڊ) وفاقي سرڪار نواز شريف جي تقرير جو نوٽيس وٺڻ جو معاملو ادارن تي ڇڏيندي چيو آهي ته ان ڳالهه تي بحث ٿيڻ گهرجي ته نواز شريف کي بيانيو  ڪنهن جي طرفان ملي رهيو آهي، ايف اي ٽي ايف بل جي مخالفت جي مهم نواز شريف جي تقرير ۾ ظاهر هئي.  پريس ڪانفرنس ڪندي سڌ سماءُ واري وزير شبلي فراز چيو ته نواز شريف جيڪي ڳالهيون ڪيون اهي هن ” ڪيون نڪالا“ مهم ۾ به ڪري چڪو آهي. شبلي فراز چيو ته نواز شريف چوي ٿو ته چونڊن کي مئنيج ڪيو ويندو آهي. نواز شريف وساري چڪو آهي ته هو به ٽي ڀيرا وزيراعظم رهي چڪو آهي. هن چيو ته عمران خان ته پهريون ڀيرو وزيراعظم ٿيو آهي، هي پاڻ اقتدار ۾ هجن ته ٺيڪ آهن جي مخالف ڌر ۾ هجن ته جمهوريت خطري ۾ هوندي آهي. شبلي فراز چيو ته نواز شريف قانون جو مذاق اڏائي رهيو آهي. هن چيو ته وزيراعظم پنهنجي واعدن تان پوئتي نه هٽندو ۽ ڪنهن کي به اين آر او نه ملندو. هوڏانهن شبلي فراز ٽوئيٽ ڪندي لکيو ته اي پي سي جو مقصد احتساب جي عمل کان حڪومت کي پوئتي هٽائڻ آهي. وزيراعظم جي خاص مددگار شهزاد اڪبر چيو آهي ته مخالف ڌر کي پيغام آهي ته اين آر او نه ملندو. هن چيو ته اي پي سي مفرورن، ڏوهارين ۽ جوابدارن جي ٽولي کان سواءِ ڪجهه به ناهي. هي گڏ ٿيا آهن ته ڪيئن چوري پڪڙڻ وارن کان بچجي. هن چيو ته مفرور جوابدار جي تقرير هلڻ باوجود چيو پيو وڃي ته ميڊيا آزاد ناهي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.