اپوزيشن جو پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جوڙڻ جو اعلان، وزيراعظم کان استعيفيٰ جو مطالبو

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اپوزيشن جماعتن جي آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جوڙڻ جو اعلان ڪندي وزيراعظم کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪيو ويو ۽ چيو ويو ته حڪومت خلاف سڄي ملڪ ۾ احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي.

اسلام آباد جي هڪ فائيو اسٽار هوٽل ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيادت هيٺ آل پارٽيز ڪانفرنس ٿي، جنهن ۾ مختلف اپوزيشن جماعتن شرڪت ڪئي، جڏهن ته جماعت اسلامي ان ۾ شرڪت کان اڳ ئي انڪار ڪري ڇڏيو هو.

اي پي سي ۾ پاڪستان مسلم ليگ (ن)، جمعيت علماءِ اسلام (ف)، عوامي نيشنل پارٽي (اي اين پي)، قومي وطن پارٽي (ڪيو ڊبليو پي)، پختونخوا ملي عوامي پارٽي (پي ڪي ميپ)، بلوچستان نيشنل پارٽي مينگل (بي اين پي-ايم)، جمعيت الحديث ۽ پشتون تحفظ موومينٽ (پي ٽي ايم) اڳواڻ شريڪ ٿيا.

آل پارٽيز ڪانفرنس جي ڳالهه خاص اها هئي ته ان ۾ لنڊن ۾ موجود ن ليگ قائد نواز شريف ويڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪيو، جڏهن ته اڳوڻي صدر آصف علي زرداري پڻ ويڊيو لنڪ ذريعي تقرير ڪئي.

اي پي سي کانپوءِ گڏيل پڌرائي جاري ڪئي وئي، جنهن ۾ وزيراعظم عمران خان کان استعيفيٰ جو مطالبو ۽ سڄي ملڪ ۾ احتجاج جو اعلان ڪيو ويو.

جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، ن ليگ صدر شهباز شريف ٻين اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪئي ۽ ايڪشن پلان پيش ڪندي وزيراعظم کان فوري طور استعيفيٰ جو مطالبو ڪيو.

حڪومت مخالف احتجاجي تحريڪ جو اعلان ڪندي هنن چيو ته وڪيلن، واپارين، آبادگارن، مزدورن، شاگردن، سول سوسائٽي ۽ ميڊيا کي ان تحريڪ جي سرگرمين ۾ شامل ڪيو ويندو.

مولانا فضل الرحمان ٻڌايو ته آڪٽوبر ۽ نومبر ۾ پهرين مرحلي ۾ صوبائي تخت گاهن ڪراچي، ڪوئيٽا، پشاور ۽ لاهور سميت ٻين وڏن شهرن ۾ گڏيل جلسا ڪيا ويندا.

سندس چوڻ هو ته ٻئي مرحلي ۾ صوبائي تخت گاهن ۾ وڏيون عوامي ريليون ۽ مظاهرا ٿيندا، جڏهن ته جنوري 2021 ۾ اسلام آباد ڏانهن فيصلائتو لانگ مارچ ڪيو ويندو.

جي يو آءِ سربراهه موجب سليڪٽڊ حڪومت جي تبديلي لاءِ اپوزيشن پارليامينٽ اندر ۽ ٻاهر سمورا جمهوري، سياسي ۽ آئيني آپشن استعمال ڪندي، جنهن ۾ عدم اعتماد جي رٿ ۽ مناسب وقت تي اسيمبلين مان اجتماعي استعيفائن جو آپشن پڻ شامل آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.