حيدرآباد: سماجي تنظيم پاران عورتن ۽ ٻارڙن سان ٿيندڙ زيادتي جي واقعن خلاف احتجاج

حيدرآباد ۾ سماجي تنظيم پاران عورتن ۽ ٻارڙن سان ٿيندڙ جنسي تشدد خلاف احتجاج مظاهرو ڪيو ويو

سماجي تنظيم رخسار ڊولپمينٽ طرفان عورتن ۽ ٻارڙن سان ٿيندڙ جنسي ذيادتين جي واقعن خلاف سبينه شاهه، عبدل ايس ڪي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته ملڪ ۾ عورتن ۽ ٻارڙن سان جنسي ذيادتين جي واقعن ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿي رهيو آهي، جڏهن ته اڪثر  ٻارڙن کي جنسي ذيادتي بعد قتل ڪيو ويندو آهي، هنن چيو ته پاڪستان ۾ هر روز 9 ٻارڙن سان جنسي ذيادتي ٿئي ٿي جڏهن ته ملڪ ۾ عورتن سان حراسمينٽ توڙي ذيادتين جا ڪيس به وڌندا پيا وڃن

هنن مطالبو ڪيو ته قانونسازي ڪري زيادتي ۾ ملوث جوابدارن کي سخت کان سخت سزا ڏني وڃي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.