وائٽلٽي بلاسٽ ۾ شاهين آفريدي جو وڏو ڪارنامو، 4 بالن تي لاڳيتو 4 شڪار

 

سائوٿمپٽن (ويب ڊيسڪ) انگلينڊ ۾ جاري وائٽلٽي بلاسٽ ٽي ٽوئنٽي ليگ ۾ قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي نوجوان فاسٽ بالر شاهين آفريدي 4 بالن تي لاڳيتو 4 وڪيٽون وٺي ڇڏيون.

هيمپشائر ڪائونٽي جي نمائندگي ڪندي شاهين آفريدي مڊل سيڪس خلاف اهو ڪارنامو انجام ڏئي پنهنجي ٽيم کي فتح ڏياري.

سائوٿمپٽن جي ميدان تي کيڏيل ميچ ۾ هيمپشائر پهريان کيڏندي مڊل سيڪس کي ڪاميابي لاءِ 142 رنسن جو هدف ڏنو.

جواب ۾ مڊل سيڪس جا بيٽسمين شاهين آفريدي اڳيان نه بيهي سگهيا ۽ سڄي ٽيم 121 رنسن تي ڍير ٿي وئي.

پاڪستان جي نوجوان فاسٽ بالر شاهين آفريدي چئن اوورن ۾ 19 رنسون ڏئي 6 رانديگرن کي پويلين موٽايو.

ميچ ۾ هيمپشائر 20 رنسن تان ڪاميابي ماڻي ورتي ۽ شاهين آفريدي کي پليئر آف دي ميچ جي اعزاز سان نوازيو ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.