ٽنڊو آدم: استاد منظور علي خان جي 40 ورسي جي موقعي تي تقريب منعقد

ٽنڊي آدم ۾ ثقافت کاتي جي سهڪار سان ڪلاسيڪل راڳي استاد منظور علي خان جي 40 ورسي جي حوالي سان تقريب ڪوٺائي وئي جنهن ۾ ناليوارن راڳين سرن ورکا ڪري کيس ڀيٽا پيش ڪئي.

سنڌ جي امر راڳي استاد منظور علي خان جي 40 ورسي جي حوالي سان مهراڻ ھسٽاريڪل اينڊ ڪلچرل ويلفيئر سوسائٽي پاران سنڌ جي ثقافت کاتي جي سهڪار سان تقريب منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ اديبن، صحافين ۽ راڳين شرڪت ڪئي

اصغر علي خواجه، علي اڪبر دراني، نادر علي خان ۽ ٻين تقريب کي خطاب ڪندي  چيو ته  استاد منظور علي خان گائيڪي جو نفيس آواز هو ۽ کيس ڪلاسيڪل موسيقي سان محبت هئي هن سنڌي راڳ جي جيڪا خدمت ڪئي آهي ان تي کين فخر آهي … ايس او ٽي

هنن چيو ته استاد نه رڳو ڪلاسيڪل راڳ جو بادشاھ هو پر ان ٻيون به ڪيتريون ئي صنفون ڳايون جن مان سهندو ڪير ميار ڪلام سان سندس نج قومپرست هئڻ جو ثبوت ملي ٿو ……

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.