حڪومت کي ڪڍي جمهوريت بحال ڪري رهنداسين: آصف زرداري

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري چيو آهي ته اسان رڳو حڪومت ڪيرائڻ لاءِ ناهيون مليا، اسان حڪومت کي ڪڍي جمهوريت بحال ڪري رهنداسين.

اپوزيشن جي آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري شروعاتي نوٽ سان خطاب ڪندي شرڪت ڪندڙن کي ڀيلڪار چيو ۽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي صحتيابي لاءِ دعا ڪندي چيو ته منهنجي خيال ۾ هيءَ اي پي سي گهڻو اڳ ۾ ٿيڻ گهرجي ها.

هن چيو ته جڏهن کان اسان سياست ۾ آهيون ميڊيا تي ههڙي قسم جون پابنديون ناهن ڏٺيون، ڀلي ڪيتريون به پابنديون هنيون وڃن ماڻهو اسان کي ٻڌي رهيا آهن، حڪومت اي پي سي خلاف هٿ پير هڻي رهي آهي، اها ئي اسان جي ڪاميابي آهي.

سندس چوڻ هو ته اسان رڳو حڪومت ڪيرائڻ لاءِ نه گڏيا آهيون پر حڪومت ڪڍي جمهوريت بحال ڪري رهنداسين، اسان ڪوشش ڪئي ته ٻن سالن ۾ جمهوريت بچي، اي پي سي ۾ گڏيل حڪمت عملي جوڙي وڃي.

آصف علي زرداري چيو ته بينظير ڀٽو، نواز شريف سان گڏجي ميثاق جمهوريت تي صحيحون ڪيون ۽ پوءِ هم آهنگي ذريعي مشرف کي موڪليو، 18هين ترميم جي وچ ۾ هڪ ڀِت آهي، جنهن سان ڪير به آئين کي ميري اک سان نٿو ڏسي سگهي.

اڳوڻي صدر چيو ته پاڪستان کي بچائڻو آهي، سياسي ڄامڙي، سليڪٽڊ پرائم منسٽر جي سوچ آهي ته 73 جو آئين ٺاهيندڙن کان هو وڌيڪ هوشيار آهن، هن اي پي سي ۾ اهڙو لائحه عمل جوڙيو ته جيئن جمهوريت مضبوط ڪري سگهون، اسان کي پاڪستان بچائڻو آهي ۽ اسان ضرور کٽينداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.