اسان جو مقابلو عمران خان نه پر ان کي آڻيندڙن سان آهي: نواز شريف

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ن ليگ قائد نواز شريف چيو آهي ته اسان جي جدوجهد عمران خان نه پر ان کي آڻيندڙن خلاف آهي.

اپوزيشن جماعتن طرفان حڪومت مخالف حڪمت عملي جوڙڻ لاءِ اسلام آباد ۾ آل پارٽيز ڪانفرنس جاري آهي، جنهن ۾ اڳوڻو صدر آصف علي زرداري ۽ اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف ويڊيو لنڪ ذريعي شريڪ ٿيا.

اي پي سي سان افتتاحي خطاب پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري ويڊيو لنڪ ذريعي ڪيو ۽ هن نواز شريف کي ڀليڪار چيو.

پوءِ لنڊن مان ويڊيو لنڪ ذريعي ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت قبول ڪندڙ ن ليگ قائد نواز شريف ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙن سان خطاب ڪيو.

اڳوڻي وزيراعظم پنهنجي خطاب ۾ چيو ته اسان جو مقابلو عمران خان سان نه پر ان کي آڻيندڙ سان آهي، اي پي سي جيڪو به طئي ڪندي، ن ليگ ان جو ڀرپور ساٿ ڏيندي، هڪ سيڪنڊ لاءِ به پوئتي نه هٽنداسين، روايت کان هٽي حقيقي تبديلي لاءِ حڪمت عملي طئي ڪيو.

هن چيو ته اختيار ڪجهه ماڻهن کي ڏيڻ بدديانتي آهي، چونڊن نتيجن ۾ تبديلي نه ٿئي ها ته هيءَ حڪومت وجود ۾ نه اچي ها، ڏُک ان ڳالهه جو آهي ته معاملو رياست کان مٿي تائين پهچي چڪو آهي.

سندس چوڻ هو ته ملڪ ۾ هر ڊڪٽيٽر ايوريج جي حساب سان 9 سال حڪومت ڪئي، آئين تي عمل ڪندڙ ڪٽهڙي ۾ بيٺا آهن، عوام جي ووٽ سان جمهوري حڪومت ٺهڻ تي هٿ پير ٻڌا ويندا آهن، اسان جي تاريخ ۾ 33 ورهين جو عرصو فوجي آمريت جي ور چڙهي ويو، 73 ورهين جي تاريخ ۾ هڪ ڀيرو به ڪنهن چونڊيل وزيراعظم کي مدو پورو ڪرڻ نه ڏنو ويو، رياستي ڍانچو ڪمزور ٿيڻ جي به پرواهه ناهي ڪئي ويندي، عوامي مينڊيٽ چوري ڪيو ويندو آهي، پاڪستان کي تجربن جي ليبارٽري بڻايو ويو آهي.

نواز شريف چيو ته پرڏيهي پاليسي کي ٻارن جي راند بڻايو ويو آهي، پاڪستان کي ٻين ملڪن سان گڏجي او آءِ سي کي مضبوط ڪرڻ گهرجي، سوچڻ گهرجي ته ڇو ويجها ملڪ اسان تي اعتماد ڪرڻ ڇڏي ويا آهن، شاهه محمود قريشي ڪنهن منصوبي تحت بيان ڏنا، جنهن سان سعودي عرب ڪاوڙجي ويو، ڀارت ڪٺ پتلي حڪومت ڏسي ڪشمير کي پنهنجو حصو بڻائي ڇڏيو ۽ اسان احتجاج به نه ڪري سگهياسين، دنيا ته ڇا اسان پنهنجي دوست ملڪن جي حمايت به حاصل نه ڪري سگهياسين، ڇو اسان عالمي سطح تي اڪيلائيءَ جو شڪار ٿي ويا آهيون، دنيا اسان جي ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي، نالائق حڪومت هر معاملي تي يوٽرن ورتو، ڪشميري عوام تي ظلم جو سلسلو جاري آهي، اسان جي پرڏيهي پاليسي ملڪي مفادن سان ٽڪراءَ واري نه هجڻ گهرجي، سي پيڪ سان بي آر ٽي جهڙو ورتاءُ ٿي رهيو آهي، جتي ڪيترائي سال گذرڻ باوجود روز مسئلا سامهون اچي رهيا آهن.

ن ليگ قائد چيو ته ملڪ بدامني ۽ ڏوهن جو ڳڙهه بڻجي ويو آهي، قوم جي هڪ ڌيءُ سان پيش ايندڙ واقعي دليون لوڏي ڇڏيون آهن، حڪومت جون سڀ همدرديون متاثر نياڻيءَ بدران آفيسر سان آهن، ووٽ کي عزت نه ملي ته پاڪستان معاشي طور مفلوج ئي رهندو، اڄ ملڪ ۾ مهانگائي تمام گهڻي وڌي چڪي آهي، بجلي ۽ گئس جا بل عوام تي بم بڻجي ڪِري رهيا آهن، هڪ ڪروڙ نوڪرين جو ڏٽو ڏيندڙن روزگار کسي ڇڏيو.

هن چيو ته آمر جي ٺاهيل اداري نيب کي قائم رکڻ اسان جي غلطي هئي، ان اداري جو سربراهه جاويد اقبال پنهنجي اختيارن جو نازيبا استعمال ڪندي پڪڙيو وڃي ٿو پر ڪا ڪارروائي نٿي ٿئي ۽ اهو هوڏ سان انتقامي ڪارروائيون جاري رکيو پيو اچي، عمران خان به ان تي ڪا ڪارروائي نٿو ڪري، نيب جو ادارو پنهنجو جواز وڃائي ويٺو آهي، انهن جي حساب جو ڏينهن ايندو.

اڳوڻي وزيراعظم چيو ته ملڪ جي معاشي ترقي سان هٿياربند فوجن کي وڌ کان وڌ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت آهي، اسان ماضي ۾ به ان حوالي سان ڪوتاهي نه ڪئي ۽ اڳتي به نه ڪنداسين، اسان ملڪ کي ايٽمي طاقت بڻايو، هٿياربند فوجون پاڪستان جي آئين ۽ قائداعظم جي تلقين موجب سياست کان پري رهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.