خيرپور ۾ معذورن جو سرڪاري خرچ تي علاج نه ڪرائڻ خلاف احتجاج

خيرپور (ڊ ر) خيرپورڀرسان ڳوٺ چنا سمنگ جي رهواسڻ نجمه چنو ۽ مجاهد حسين چنو پنهنجي معذور ٻارڙن سميت سيشن ڪورٽ  روڊ تي ڪالهه چوٿين ڏينهن تي به مطالبن جي مڃتا لاءِ بک هڙتال جاري رکي، متاثر خاندان پاران معزورن جو سرڪاري خرچ تي علاج ڪرڻ ۽ معزورن جي پيءُ مجاهد چنو کي ميونسپل ڪاميٽي خيرپور جي نوڪري تان بنا جواز برطرف ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي جسقم جي مرڪزي اڳواڻ امجدخان مهيسر،جسقم خيرپور ضلعي جي صدر ايوب لاشاري ۽ ٻيا احتجاجي ڪئيمپ تي پهچي متاثرن سان هر ممڪن مدد جو سهڪار ڪرڻ جي خاطري ڪرائي،امجد مهيسر چيو ته چئن معصوم نيگرن 13 سالن جو ضمير چنو 11 سالن جو نادر علي چنو9 سالن جو زاهد چنو ۽ 8 سالن جي معصوم نياڻي مينه چنو جيڪي ڄنگهن ۽ ٻانهن کان معذور ٿي چڪا آهن ،۽ اهي هڪ ئي کٽ تي ويٺل آهن، انهن  جو سرڪاري سطح تي جيڪڏهن علاج نه ڪرايو وڃي،جيڪڏهن سندن علاج نه ڪرايو ويو  ته جسقم پاران 28سيپٽمبر تي ڊي آفيس خيرپور آڏو معزور جي حق ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويندو،امجد مهيسر چيو ته معذورن ٻارڙن جي پيءُ ،مجاهد حسين چنو کي ميونسپل ڪميٽي جي نوڪري مان بنا جواز برطرف ڪري معذور ۽ مستحق خاندان کي ڦاڪڪشي ڪرڻ تي مجبور ڪيو ويو آهي، هن چيو ته آفيسر شاهي جي ظلم ۽ ڏاڍ خلاف ڀرپور احتجاجي تحريڪ جو آغاز ڪيو ويندو ،جيڪو متاثرن کي انصاف ملڻ تائين جاري رهندو،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.