ڊائو يونيورسٽي مان آڪسيجن سئلينڊر چورائڻ جي ڪوشش ناڪام

ڪراچي (پ ر) ڊائو يونيورسٽي اوجها ڪيمپس جي ڪووڊ وارڊ ايم ڊي آر مان آڪسيجن سئلينڊر چوري ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي وئي، سيڪيورٽي اهلڪارن 2 جوابدارن کي سڳ سوڌو پڪڙي 2 آڪسيجن سئلينڊر هٿ ڪري ورتا، جوابدارن  کي پوليس حوالي ڪيو ويو آهي، آڪسيجن سئلينڊر سپلاءِ ڪندڙ ٺيڪيدار جي شڪايت تي سيڪيورٽي چيڪ وڌايو ويو هو، شڪايت ۾چيو ويو هو ته ڪيترائي ماڻهو سئلينڊر چوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي ناڪام ٿي فرار ٿي ويا، گذريل رات جوابدار ٺيڪيدار جي خيمي مان آڪسيجن سئلينڊر چوري ڪري رڪشا ۾رکيو ۽ اهو کڻي فرار ٿي رهيا هئا ته سيڪيورٽي اهلڪارن کين پڪڙي ورتو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.