ميرپورخاص: کنڀي گم ڪيلن جي بازيابي لاءِ سنڌ سڀا پارٽي جي بک هڙتال

ميرپورخاص ۾ سنڌ سڀا پارٽي جي اڳواڻ انعام عباسي جي اڳواڻي ۾ کنڀي ڪيل ڪارڪنن   جي جبري گمشدگي خلاف م پريس ڪلب اڳيان 8 ڪلاڪن لاِ احتجاجي ڪيمپ لڳائي وئي ، ان موقعي تي سنڌ يونائٽيڊ پارٽي ميرپورخاص جي ڊويزنل صدر منظور ميمڻ پنهنجي ساٿين سميت ڪيمپ تي پهچي انعام عباسي سان ٻڌي جو اظهارڪيو ،  انعام عباسي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته قومي ڪارڪنن جي جبري گمشدگي خلاف سڄي سنڌ ۾ جدوجهد جاري آهي، انعام عباسي جو چوڻ هو ته گم ڪيل ڪارڪنن تي جيڪڏهن ڪو الزام آهي ته انهن کي عدالتن ۾ پيش ڪيو وڃي، ڪئمپ تي موجود منظور ميمڻ ،لالا اظھر پٺاڻ ، عبيد بنگلاڻي ۽ ٻين کنڀي ڪيل قومي ڪارڪنن جي بازيابي جو مطالبو ڪيو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.