اپوزيشن سان ڪرپشن کانسواءِ هر ڳالهه تي سمجهوتي لاءِ تيار آهيون: وزيراعظم

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسان اپوزيشن سان ڪرپشن کانسواءِ هر ڳالهه تي سمجهوتي لاءِ تيار آهيون.

فيس بُڪ تي جاري پيغام ۾ وزيراعظم چيو آهي ته پاڪستان جو مفاد ان ۾ آهي ته چوري ڪيل پئسو واپس اچي، جڏهن ته اپوزيشن ان ڳالهه ۾ دلچسپي رکي ٿي ته انهن جي چوري جو پئسو محفوظ رهي.

سندس چوڻ هو ته اپوزيشن سان ملڪ ۽ جمهوريت خاطر هر قسم جي سمجهوتي لاءِ تيار آهيون پر ڪرپشن تي ڪنهن به صورت ۾ سمجهوتو نه ڪنداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.