عرفان جونيئر سليڪشن جي اعتراض واريندي ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) نوجوان فاسٽ بالر محمد عرفان جونيئر سليڪشن تي اعتراض واريندي ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

عرفان جونيئر گذريل سيزن ۾ بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو هو پر ان باوجود هلندڙ سال شيڊيول سيزن لاءِ کيس سدرن پنجاب بدران سيڪنڊ اليون ۾ شامل ڪيو ويو، جنهن سبب هو سليڪشن ڪميٽي تي ڏاڍو ڪاوڙيل آهي ۽ هن دلبرداشته ٿي ڊوميسٽڪ سيزن بدران آسٽريليا ۾ ڪلب ڪرڪيٽ کيڏڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

ننڪانه صاحب ۾ پيدا ٿيندڙ 25 ورهين جو فاسٽ بالر عرفان جونيئر هيل تائين 22 فرسٽ ڪلاس ميچن ۾ 80 وڪيٽون وٺي چڪو آهي ۽ کيس پاڪستان سپر ليگ ۾ ڪراچي ڪنگز، ملتان سلطانز ۽ ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز جي نمائندگي جو اعزاز پڻ حاصل آهي.

قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي تجربي ڪار آل رائونڊر محمد حفيظ نوجوان فاسٽ بالر عرفان جونيئر طرفان ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ ڇڏڻ تي فيصلي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي.

محمد حفيظ اميد ظاهر ڪئي آهي ته نوجوان فاسٽ بالر پنهنجي فيصلي تي نظرثاني ڪندو ۽ ڊوميسٽڪ سيزن دوران ايڪشن ۾ نظر اچي پنهنجو ڀرپور ٽئلينٽ ڏيکاريندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.