صوبائي وزير امتياز شيخ به ڪورونا وائرس جو شڪار ٿي ويو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جو توانائي بابت وزير امتياز احمد شيخ به ڪورونا جو شڪار ٿي ويو.

پ پ اڳواڻ صوبائي وزير امتياز احمد شيخ ۾ به ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ ٿي آهي ۽ سندس چوڻ آهي ته گذريل ڏينهن بخار ۽ ڳلي ۾ تڪليف سبب مان ڪورونا ٽيسٽ ڪرائي هئي.

امتياز شيخ موجب منهنجي ڪورونا ٽيسٽ هاڪاري آئي آهي، جنهن کانپوءِ مان پاڻ کي آئسوليٽ ڪري ڇڏيو آهي.

واضح رهي ته ان کان اڳ پ پ اڳواڻ سعيد غني ۽ مولا بخش چانڊيو پڻ ڪورونا ۾ مبتلا ٿي صحتياب ٿي چڪا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.