لاڙڪاڻو :ريشم گلي ۾ سونارڪي دڪان تان اڻ ڄاتل هٿياربند ڦر ڪري فرار

لاڙڪاڻي شهر جي مارڪيٽ ٿاڻي جي حد ريشم گلي واري علائقي ۾ صبح سوير هٿياربندن جيولرز جي دڪان تي ڪاهه ڪري هٿيارن جي زور تي 70 هزار روپين جا سونا زيور ۽ 35 هزار روپيا روڪ رقم ڦر آسانيءَ سان فرار ٿي ويا،  اطلاع تي حد جي ٿاڻي جي پوليس پهچي سي سي ٽي وي ڪئمرائن جا فوٽيج هٿ ڪري معاملي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. ان موقعي تي متاثر دڪاندار غلام اصغر عرف جاني کچي ٻڌايو  ته ٻن هٿياربندن دڪان ۾ گهڙي سونا زيور ۽ روڪ رقم ڦري ۽  فرار ٿي ويا

. هن لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي کي اپيل ڪئي ته ڦر ۾ ملوث ڦورن کي گرفتار ڪري سونا زيور ۽ روڪ رقم واپس ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.