”نواز شريف قانون سامهون پيش ٿيڻ لاءِ بيمار آهي پر اي پي سي سان خطاب ڪندو“

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير شبلي فراز چيو آهي ته بيماري جو بهانو بڻائي فرار ٿيندڙ شخص ويڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪندو.

گهرو معاملن بابت صلاحڪار شهزاد اڪبر سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي سينيٽر شبلي فراز چيو ته اپوزيشن وارن جيڪڏهن ڪجهه ناهي ڪيو ته انهن کي قانونن مان پريشاني نه ٿيڻ گهرجي، اپوزيشن ذاتي مفادن لاءِ انهن قانونن خلاف ڀرپور زور ڏنو، جيڪڏهن قانون سازي نه ڪيون ها ته ملڪ بليڪ لسٽ ۾ شامل ٿي پئي سگهيو، حڪومت جو هر سٺو قدم ۽ قانون سازي اپوزيشن لاءِ خراب خبر آهي.

هن چيو ته ماضي جا حڪمران پنهنجو ڪارو ناڻو اڇو ڪندا هئا، تنهن ڪري قانون نه ٺاهيندا هئا، ماضي جا حڪمران مني لانڊرنگ ۾ ملوث هئا، تازي قانون سازي ايف اي ٽي ايف جي گري لسٽ مان نڪرڻ لاءِ بنيادي شرط هو، قانون سازي ملڪ لاءِ نهايت اهم هئي.

سندس چوڻ هو ته نواز شريف قانون سامهون پيش ٿيڻ لاءِ بيمار آهي پر اي پي سي سان خطاب ڪندو، اپوزيشن گڏجي اهو طئي ڪندي ته ڪيئن ملڪ ۾ بدامني ۽ ٻڏتر جو ماحول پيدا ڪيو وڃي، اهي نا اميدي پکيڙي رهيا آهن، جنهن سان ملڪ ۾ سنجيده مسئلو ٿي سگهي ٿو.

ان موقعي تي شهزاد اڪبر چيو ته حڪومت پنهنجي بل ۾ مني لانڊرنگ قانون جي شق 11 جي ذيلي شق 16 ۾ ترميم ڪئي، جڏهن ته اپوزيشن طرفان مني لانڊرنگ جي شق 11 ۾ ترميم متعارف ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.

سندس چوڻ هو ته اپوزيشن چاهيو مني لانڊرنگ جي حوالي سان نيب جو اختيار ختم ڪيو وڃي، انهن آصف زرداري ۽ شاهد خاقان عباسي خلاف بدعنواني ڪيس به بند ڪرائڻ چاهيا، اپوزيشن جو مقصد هو ته شهباز شريف ۽ انهن جي خاندان جو ”ٽي ٽي ڪيس“ بند ڪيو وڃي ۽ اپوزيشن اهو به چاهيو پئي ته پاپڙ ۽ فالودي واري جي نالن تي اڪائونٽ ٺهندا رهن.

هن چيو ته اپوزيشن جا پنهنجا جج نه پيا لڳن ته اها 19هين ترميم جو خاتمو چاهي ٿي، حڪومت چاهي ٿي ته ملڪ جلد کان جلد گري لسٽ مان نڪري، ايف اي ٽي ايف اسان جي قانونن جو جائزو وٺي ڪجهه ترميمن  سڌارن جي نشاندهي ڪئي، ايف اي ٽي ايف ڪو هڪ ادارو يا اين جي او نه پر مختلف ملڪن جي نمائندن تي ٻڌل آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.