نواز شريف کانپوءِ آصف زرداري جو به اپوزيشن جي اي پي سي ۾ شرڪت جو فيصلو

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کانپوءِ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري به اپوزيشن جي آل پارٽيز ڪانفرنس (اي پي سي) ۾ شرڪت جو فيصلو ڪري ورتو.

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سڀاڻي ٿيندڙ اي پي سي ۾ پنهنجي پيءُ آصف زرداري جي شرڪت جي تصديق ڪئي.

هن ٽوئيٽ ڪندي لکيو ته آصف زرداري ويڊيو لنڪ ذريعي آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندو.

واضح رهي ته گذريل ڏينهن اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف به بلاول ڀٽو زرداري جي دعوت تي اي پي سي ۾ ويڊيو لنڪ ذريعي شرڪت تي راضپو ظاهر ڪيو هو.

حڪومت مخالف اپوزيشن اتحاد جي آل پارٽيز ڪانفرنس سڀاڻي پيپلز پارٽي جي ميزباني هيٺ اسلام آباد ۾ ٿيندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.