نصيرآباد ۾ ٽائون ملازمن جو پگهارون نه ملڻ خلا ف ڌرڻو

نصيرآباد (ن ع آ) نصيرآباد جي ٽائون ملازمن پاران پگھارون نه ملڻ خلاف اڄ ٽئين ڏينهن به احتجاج جاري رکيو، ٽائون ڪميٽي ايمپلائيز يونين جي سڏ تي پگھارون نه ملڻ خلاف ٽائون ڪميٽي جي احاطي اندر ڌرڻو هڻي ويهي رهيا، ملازمن سان يڪجھتي طور مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ڌرڻي ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي خطاب ڪندي اڳواڻن مقبول شيخ، شبير جويو ،بچل شيخ، شعبان سيال ۽ ٻين چيو ته اسان جي گھرن ۾ فاڪا ڪشي آھي، ٽائون انتظاميا اسان کي ننڌڻڪو ۽ لاوارث بڻائيندي پگھارن کان محروم بڻائي بکون ڪاٽڻ تي مجبور ڪيو آهي، هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي پگهارون جاري ڪري انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.