وائيس چانسلر جي مقرر لاءِ 10 ڪروڙ جي ٻولي لڳي آهي: ممتاز جوڻيجو

خيرپور (ڊ ر)شاهه عبدالطيف يونيورسٽي خيرپور مختلف شعبن سان واسطو رکندڙ ڊين آف فيڪلٽيز ۽ سينيئر پروفيسرن ڊاڪٽر ممتاز جوڻيجو، پروفيسر ڊاڪٽر امداد حسين سهتو،پروفيسر ڊاڪٽر غلام عباس شر، پروفيسر ڊاڪٽر ممتازحسين مهر گڏيل طور تي  پريس ڪلب خيرپور ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته موجوده وائيس چانسلر ڊاڪٽر پروين شاهه رٽائرڊ ٿيڻ ۾ ڪجهه ڏينهن  بچيا آهن  ۽ نئين وائيس چانسلر جي مقرري لاءِ 10 ڪروڙ روپين جي ٻولي لڳي چڪي آهي، جيڪو اميدوار 10 ڪروڙروپيا ڏيندو اهو مقرر ٿيندو، اهو شخص  يونيورسٽي جو  ڪيترو خير خواهه ثابت ٿيندو  ۽ خيرپور جي ماڻهن کي ڪهڙو فائدو ڏيندو، يونيورسٽي جي هر بلڊنگ مختلف بيئڪن ۾ گروي ٿيل آهي ۽ هر سال يونيورسٽي 10 ڪروڙ وياج ڀريندي آهي ،هنن چيو ته ٻه مهينا گذري چڪا آهن،هائير ايجوڪيشن ڪميشن ۽ سرچ ڪميٽي جي سفارش تي اسلام آباد کان لطيف يونيورسٽي سان لاڳاپيل ٻن پروفيسرن ڊاڪٽر غلام سرور مرکنڊ ۽ ڊاڪٽر عبدالرزاق مهر سميت سنڌ جي ٻين يونيورسٽين مان به 8 نالا سليڪٽ ڪيا ويا آهن.هنن چيو ته اسان جي پوري زندگي لطيف يونيورسٽي ۾ خدمت ڪندي گذري آهي، لطيف يونيورسٽي جي ڪمين ڪوتاهين کان چڱي طرح باخبر آهيون ۽ موسٽ سنيئر آهيون اسان جي لنڊن مان پي ايڇ ڊي ٿيل آهي،اسان کي انتظامي طور تي تجربو آهي پرجيڪي نالا سليڪٽ ڪيا ويا آهن اهي اسان کان تمام جونيئر آهن مقرري خلاف عدالت سڳوري جو دروازو کڙڪائينداسين،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.