چونڊيل نمائندن کان باڊهه جو شهر وسري ويو

باڊهه (پ ر )چونڊيل نمائندن کان باڊهه جو شهر وسري ويو، گذريل ڪيتري عرصي کان تعلقي لاءِ ٻاڪاريندڙ باڊهه واسين جي دانهن جو داد نه ٿي سگهيو. شهري به تعلقي واري مطالبي تي بضد نظر اچي رهيا آهن. تعلقي جي نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ تائين احتجاجي تحريڪ هلائڻ جو وچن. ان حوالي سان باڊهه بچايو تحريڪ پاران  احتجاج کي جاري رکندي باڊهه بچايو تحريڪ جي اڳواڻن ساجدعلي جوڻيجو  ايم نواز سنجراڻي نديم جوڻيجو نظير جوڻيجو ڪائونسلر حاجي پيارو جوڻيجو ۽ ٻين  جي اڳواڻيءَ ۾ باڊهه پريس ڪلب کان ٽائون هال تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. ريلي ۾ شامل ماڻهن جي هٿن ۾ کنيل بينر تي “حڪمرانو واعدا پاڙيو، باڊهه تعلقي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو” جا مطالبا درج ٿيل هئا. احتجاجي ريلي کي ايس ٽي پي اڳواڻ ڪامريڊ قادر بروهي اصغر نوناري ڪوڙل ملاح درزي يونين جي اڳواڻ نورل ساريو ٽئڪسي ڊرائيور نصرالله لاکو سليم ڀٽي  ۽ ٻين چيو ته باڊهه جو شهر آباديءَ جي لحاظ کان لاڙڪاڻي ضلعي جو ٻيو نمبر وڏو ۽ قديمي شهر آهي، جيڪو ڪاروباري توڙي ترقيءَ جي حوالي سان تمام پٺتي پئجي چڪو آهي ۽ هتي بنيادي سهولتن جي اڻاٺ آهي ۽ اسين سمجهون ٿا ته شهر جي معاشي بحالي توڙي ترقي تعلقي جي درجي ملڻ سان ئي ممڪن آهي. جڏهن ته باڊهه تعلقي جي حوالي سان سموريون گهربل قانوني ڪارروايون پڻ مڪمل ٿي چڪيون آهن ۽ هاڻي صرف نوٽيفڪيشن جو نڪرڻ باقي آهي، جنهن ۾ خبر ناهي ته دير ڇو ٿي رهي آهي. اڳواڻن چيو ته اسين سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ تڪ جي چونڊيل ايم پي اي حزب الله خان ٻگهيو کي سندن هڪ يا ٻه نه، پر ڪيترائي دفعا باڊهه کي تعلقي جو درجو ڏيارائڻ بابت سندن ڪيل واعدا ياد ڏياري رهيا آهيون. جيڪي چونڊن دؤران ۽ چونڊجڻ بعد هنن باڊهه جي ماڻهن سان پئي ڪيا آهن. اڳواڻن چيو ته جن وڏيرن ۽ پارٽي اڳواڻن پنهنجي قائد شهيد محترمه بينظير ڀٽو سان عوام سان سچو رهي خدمت ڪرڻ وارا ڪيل واعدا وساري ڇڏيا آهن، انهن مان باڊھه جو عوام چڱائي جي ڪهڙي اميد رکي سگهندو. بهرحال ان باوجود انهن خام خيال رکندڙ ماڻهن کي اهو ٻڌي ڇڏڻ گهرجي ته جيستائين باڊهه کي تعلقي جو درجو نه  ڏنو ويندو، تيستائين هي پُرامن احتجاجي تحريڪ جاري رهندي، جيڪا باڊهه کان نڪري سنڌ اسيمبلي تائين پڻ پهچي سگهي ٿي، تنهن ڪري سنڌ سرڪار کي گهرجي ته بنا دير بلدياتي چونڊن کان اڳ باڊهه واسين جي هن جائز مطالبي کي جلد پورو ڪيو وڃي.عوام چڱائي جي ڪهڙي اميد رکي سگهندو. بهرحال ان باوجود انهن خام خيال رکندڙ ماڻهن کي اهو ٻڌي ڇڏڻ گهرجي ته جيستائين باڊهه کي تعلقي جو درجو نه  ڏنو ويندو، تيستائين هي پُرامن احتجاجي تحريڪ جاري رهندي، جيڪا باڊهه کان نڪري سنڌ اسيمبلي تائين پڻ پهچي سگهي ٿي، تنهن ڪري سنڌ سرڪار کي گهرجي ته بنا دير بلدياتي چونڊن کان اڳ باڊهه واسين جي هن جائز مطالبي کي جلد پورو ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.