سکر ۾ ڳوٺاڻن جو قبضي خلاف پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج

سکر(رپورٽر) سکر جي علائقي بچل شاهھ مياڻي واسي پورهيت عبدالحميد شيخ، گهرواري ۽ معصوم ٻارن ذليخان شيخ، ڌيءَ سائره، حميره، ثميره، سراج، سجاد ۽ معصوم آرم، بسمعه سان گڏ ڪلام پاڪ کڻي سکر پريس ڪلب احتجاج ڪندي ٻڌايو ته بااثر سئوٽن سوٽ مير حسن شيخ، غلام اڪبر شيخ بلاجواز پئسن لاءِ تنگ ڪندا آهن پهريان به هڪ لک رپيا گهر جي کاتي لاءِ ورتو هو پر گهر جو کاتو ڪرائي ڏيڻ بدران اڌ گهر جي پلاٽ تي قبضو ڪيو هاڻ ٻيهر ٻه لک رپيا ڀٽو گهري رهيا هئا انڪار ڪرڻ تي هنن گهر مٿان حملو ڪري مون ۽ منهنجي معصوم ٻارن سميت گهرواري ۽ پوڙهي امڙ مٿان تشدد ڪري گهر تي قبضو ڪري گهران ڪڍي ڇڏيو آهي حد جي پوليس جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪرڻ کان لنوائي رهي آهي. هنن چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ، ايڊيشنل آئي جي سکر ۽ ايس ايس پي سکر کان مطالبو ڪيو ته مون سان ظلم ڪندڙ بااثر سوٽن خلاف ڪارروائي ڪري قبضي آيل گهر واپس ڪرائي انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.