”اهڙو ملڪ نٿا چاهيون جتي ماڻهن جي ليپ ٽاپ ۽ موبائيل ۾ رياست ويٺل هجي“

لاهور(ويب ڊيسڪ) مخالف ڌر جو چوڻ آهي پاڪستان کي اهڙو ملڪ نٿا بڻائڻ چاهيون جتي ماڻهن جي ليٽ ٽاپ ۽ موبائيل ۾ رياست موجود ويٺي هجي.

پاڪستان مسلم ليگ ن جي جنرل سيڪريٽري احسن اقبال ۽ پيپلز پارٽي جي سينيٽر شيري رحمان پريس ڪانفرنس ۾ حڪومتي روي تي سخت تنقيد ڪئي.

ن ليگ جي اڳواڻ احسن اقبال چيو ته گذريل ڏينهن پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ ڳڻپ دوران کليل نموني ڌانڌلي ڪئي وئي، ڪجهه ميمبرن جي غير حاضري جي باوجود مخالف ڌر اڪثريت ۾ هئي.

هن چيو ته جن قانونن تي حڪومت ۽ مخالف ڌر جو اختلاف هو، انهن جو تعلق فنانشنل ايڪشن ٽاسڪ فورس (فيفٽ) سان نه پر بنيادي حقن سان هو، پاڪستان کي اهڙو ملڪ نٿا بڻائڻ چاهيون جتي ماڻهن جي ليپ ٽاپ ۽ موبائيل فون ۾ به رياست گهڙيل هجي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.