ملڪ ۾ سون مهانگو، رپئي جي قدر ۾ واڌ

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ في تولو سون 500 رپيا مهانگو ٿي ويو جڏهن ته ڊالر جي اگهه ۾ گهٽتائي ريڪارڊ ڪئي وئي.

سنڌ سونارا ايسوسيئيشن موجب في تولي سون جي قيمت ۾ 500 رپيا واڌ ٿي جنهن کان پوءِ في تولي سون جو اگهه 1 لک 14 هزار 700 رپيا ٿي ويو.

10 گرام سون جي قيمت 429 رپيا وڌي 98337 رپيا آهي جڏهن ته عالمي سونارا مارڪيٽ ۾ سون جي قيمت 4 ڊالر واڌ سان 1953 ڊالر في اونس آهي.

ٻئي پاسي ملڪ ۾ رپئي جي قدر ۾ واڌ ٿي ۽ انٽر بينڪ ۾ ڊالر جو اگهه 37 پيسا گهٽيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.