آصف زرداري جي ٽيڪس ادائيگي بابت ايف بي آر جي تفصيل درست ناهي: ترجمان

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي صدر آصف علي زرداري جي ترجمان چيو آهي ته ٽيڪس بابت فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) جي جاري ڪيل تفصيل درست ناهي.

ترجمان چيو ته آصف زرداري 2018ع ۾ 22 لک 18 هزا رپيا انڪم ٽيڪس ادا ڪيو.

ترجمان موجب آصف زرداري زرعي ٽيڪس جي مد ۾ 1 ڪروڙ 99 لک 87 هزار 335 رپيا ٽيڪس ڏنو.

ترجمان موجب اهڙي طرح 2018ع ۾ آصف زرداري جي ادا ڪيل مجموعي ٽيڪس جي رقم 2 ڪروڙ 22 لک 55 هزار رپيا آهي.

ناصر حسين شاهه:

سنڌ جي مڪاني ادارن واري وزير ناصر حسين شاهه جو چوڻ آهي ته پيپلز پارٽي جي چيئرمين سال 2019ع ۾ 5 لک 35 هزار 243 رپيا انڪم ٽيڪس ادا ڪيو، بلاول ڀٽو جو اصل واپار زراعت آهي ان جي ٽيڪس جي ادائيگي به شامل ڪيو وڃي.

ناصر شاهه چيو ته بلاول ڀٽو سال 2018ع ۾ 2 لک 94 هزار 117 رپيا انڪم ٽيڪس ادا ڪيو، سال 2018ع ۾ 38 لک 58 هزار رپيا زرعي ٽيڪس ادا ڪيو.

ناصر حسين شاهه موجب بلاول سال 2017ع ۾ 23 لک 7 هزار 152 رپيا انڪم ٽيڪس ڏنو، سال 2017ع ۾ 39 لک 58 هزار 330 رپيا زرعي ٽيڪس ادا ڪيو.

ناصر شاهه موجب بلاول سال 2016ع ۾ 5 لک 51 هزار 700 رپيا انڪم ٽيڪس ڏنو، سال 2016ع ۾ 39 لک 58 هزار 65 رپيا زرعي ٽيڪس ادا ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.