4 جوابدارن مڙس جي آڏو عورت کي اجتماعي لڄالٽ جو نشانو بڻائي ڇڏيو

فيروز والا(ويب ڊيسڪ) پوليس چوڪي ڪالا شاهه ڪاڪو جي ڀرسان خدا جي بستي ۾ 4 جوابدارن مڙس جي سامهون عورت کي اجتماعي زيادتي جو نشانو بڻائي ڇڏيو.

پوليس موجب 4 جوابدارن مڙس جي سامهون عورت سان اجتماعي زيادتي ڪئي جنهن جو فيروز والا ٿاڻي پوليس ڪيس داخل ڪري ورتو آهي.

ڊي پي او شيخوپوره غازي صلاح الدين ميڊيا کي ٻڌايو ته نمونا ڊي اين اي لاءِ موڪليا ويا آهن ٽن شڪين کي جاچ لاءِ اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو آهي.

هوڏانهن آءِ جي پنجاب واقعي جو نوٽيس وٺي آر پي او کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.a

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.